Hazrat Ibraheem Aur Namrood

Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

دکھائی جائے گی محشر میں شانِ محبوبی                     کہ آپ ہی کی خُوشی، آپ کا کہا ہو گا

خُدائے پاک کی چاہیں گے اگلے پچھلے خُوشی           خُدائے پاک خوشی اُن کی چاہتا ہو گا

(ذوقِ نعت، صفحہ:51)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! اسان الله پاڪ جا ٻانها آهيون ۽ ٻانهي جو ڪم عقل ڊوڙائڻ ناهي، حڪم مڃڻ هوندو آهي۔ سيپاري: 22، سوره اَحزَاب، آيت:36 ۾ ارشاد آهي:

وَ مَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ وَّ لَا مُؤْمِنَةٍ اِذَا قَضَى اللّٰهُ وَ رَسُوْلُهٗۤ اَمْرًا اَنْ یَّكُوْنَ لَهُمُ الْخِیَرَةُ مِنْ اَمْرِهِمْؕ-     

ترجموڪنزالايمان: ۽ ڪنهن به مسلمان مرد ۽ عورت کي حق نٿو پهچي جو جڏهن الله ۽ رسول ڪجھ حڪم فرمائن پوءِ به انهن کي پنهنجي معاملي جو ڪو اختيار رهي.

هن آيت ۾ فرمايو ويو ته اي مسلمانو! جڏهن الله پاڪ ۽ ان جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ توهان جي جان، مال يا ڪنهن حوالي سان ڪنهن شيء جو حڪم ڪن ته توهان کي ان ۾ دَخل ڏيڻ جو اختيار ناهي رهندو، ان حڪم تي ڪنڌ جھڪائڻ توهان جو فرض آهي۔ مُفَسِّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن آيت سڳوري مان هڪ ته اهو معلوم ٿيو ته الله پاڪ جو حڪم هجي يا الله پاڪ جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حڪم هجي، ٻئي برابر طَور تي واجِبُ العَمَل آهن، اهڙي طرح آيت سڳوري مان اهو به معلوم ٿيو ته شريعت جو ڪو حڪم جيڪڏهن اسان جي طبيعت جي مُطَابق هجي ته ان تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن ڪو حڪم اسان جي طبيعت، اسان جي راءِ ۽ اسان جي عقل جي خِلاف هجي ته اهو قُصُور شرعي