Hazrat Ibraheem Aur Namrood

Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان آندو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 اي عاشقانِ رسول! الحمدلله! الله پاڪ جي موجود هئڻ تي ۽ الله پاڪ جي هڪ هئڻ تي دُنيا جي هر شيء روشن دليل آهي، جيڪو نادان الله پاڪ جي وحدانيت جو، ان جي هڪ هئڻ جو، ان جي رَبّ هئڻ جو اِنڪار ڪري ٿو، ان جي صِرف زبان هلي ٿي، نه ته ان جون اکيون، ان جا ڪن، ان جا هٿ، ان جا پير، ان جو سڄو جسم، اُن جي جان بلڪه اُن جي ڳالهائڻ جي طاقت، اُن جو پنهنجو وُجُود خود زبانِ حال سان الله پاڪ جي وحدانيت جو اعلان ڪري رهيو هوندو آهي، ڄڻ ان جي پنهنجي ئي ذات ان کي اهو چئي رهي هوندي آهي ته اي بيوقوف! اي عقل جا انڌا! تون جنهن دِماغ سان سوچين ٿو، اهو دماغ الله پاڪ ئي بڻايو آهي، تون جنهن زبان سان ڳالهائين ٿو، اها زبان الله پاڪ ئي بڻائي آهي، تون جن اکين سان ڏسين ٿو، اهي اکيون الله پاڪ ئي ٺاهيون آهن، تون جن هٿن سان پڪڙين ٿو، اهي هٿ به الله پاڪ ئي بڻايا آهن، تون جن شين سان هلين ٿو، اهي پير به الله پاڪ ئي بڻايا آهن، تنهنجي سيني ۾ دِل ڌڙڪي ٿي اها دِل به الله پاڪ بڻائي آهي، توکي زِندگي الله پاڪ بخشي آهي، توکي ڳالهائڻ، ٻڌڻ، سمجھڻ، سوچڻ، هلڻ ڦرڻ جي طاقت به الله پاڪ ئي بخشي آهي ۽ اهو الله پاڪ ئي آهي جو تون چاهي جيترو زَور لڳائين، جيتري به ترقي ڪري وٺين، عنقريب هو توکي موت جي حوالي ڪندو ۽ تون فنا ٿي ويندين، اي نادان پنهنجي اندر ئي غور ڪر! تنهنجو هئڻ، تنهنجو نه هئڻ، سڀ ڪجھ الله پاڪ جي وُجُود تي، ان جي هڪ هئڻ تي واضِح ۽ صاف دليل آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ فِیْۤ اَنْفُسِكُمْؕ-اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ(۲۱) (پاره26،سورۃالذّٰريٰت:21)  

ترجموڪنزالايمان: ۽ پاڻ توهان ۾ پوءِ ڇا توهان ڏسو نه  ٿا.