Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت ۾ اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اسلام قبول ڪرڻ جو بيان آهي، هڪ اَهم مدني گل جيڪو هن حڪايت مان سکڻ لاءِ مليو اهو هي آهي ته جنهن شخص جي دِل الله پاڪ جي محبت جي اهل هوندي آهي، جنهن جي دِل محبتِ اِلٰهي لائق هوندي آهي اهو ٻانهو ضِدِّي ناهي هوندو، هٺ ڌرمي ڪرڻ وارو ناهي هوندو، غلطي تي قائم رهڻ وارو ناهي هوندو بلڪه اهو حق ڳالھ کي قبول ڪرڻ ۾ جلدي ڪرڻ وارو هوندو آهي، غور فرمايو! جڏهن حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي اسلام ۽ اسلام جي سچائي جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته پاڻ ان جي باري ۾ غور و فڪر ڪري حق ڳالھ کي قبول ڪيائون ۽ يڪدم ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويا۔

هاڻي ان جي اُبتڙ غور ڪريو! جڏهن حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ايمان قبول ڪيو هو، انهيء زماني ۾ ڪيترائي اهڙا ڪافِر هئا مثال طور ابوجهل هو، عُتبه شيبه هو، ابولهب هو، انهن ڪافِرن کي چنڊ ٻه ٽڪرا ڪري ڏيکاريو ويو هو، پٿرن ڪلمو پڙھيو، وڻن انهن جي موجودگي ۾ سلامي ڏني، غيب جون خبرون ٻڌايون ويون، قرآني آيتون پڙهي ٻڌايون ويون، وڏا وڏا معجزا انهن کي ڏيکاريا ويا پر اُنهن بدبختن حق ڳالھ کي قبول نه ڪيو، نه ڪلمو پڙھيو، نه مسلمان ٿيا، انهن ڪافِرن کي نه الله پاڪ جي محبت نصيب ٿي، نه الله جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت مان حِصو مليو، اهي ڪافِر هئا، ڪافِر ئي رهيا، ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي مريا ۽ واصِلِ جهنّم ٿي ويا۔

معلوم ٿيو جيڪو حق ڳالھ کي قبول ڪرڻ وارو نه آهي، ان کي محبت اِلٰهي ملڻ به سخت دُشوار بلڪه ناممڪن آهي۔ شيخ شهابُ الدِّين سهروردي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: محبت جي لاءِ توبه شرط آهي۔ وڌيڪ فرمائن ٿا: محبت جو مقام نُورِ يقين جي غلبي سان حاصِل ٿيندو آهي۔ (عَوارِفُ المعارف، صفحہ:717-719)

   معلوم ٿيو جنهن ٻانهي جي دِل ۾ نُورِ يقين ناهي، جيڪو وڏا وڏا معجزا ڏسي ڪري، چنڊ جا ٻه ٽڪرا ٿيندي ڏسي ڪري، وڻن کي هلندو ڏسي، پٿرن کي