Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

ڪلمو پڙھندي ڏسي ڪري به مَعَاذَ الله! ان کي جادُوگري چئي ڇڏيندو آهي، جيڪو پنهنجي اَندر غور ناهي ڪندو، جيڪو پنهنجا عيب ناهي سڃاڻندو، جيڪو توبه ناهي ڪندو، جيڪو ڪفر کي ناهي ڇڏيندو، جيڪو شِرڪ کي ناهي ڇڏيندو، جيڪو ضِد ڪندو آهي، جيڪو هٺ ڌرمي ڪندو آهي، حق ڳالھ کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ئي ناهي ٿيندو، اهو ٻانهو ڪڏهن به محبتِ اِلٰهي جي نعمت حاصِل ناهي ڪري سگھندو۔ ها! جيڪو حق ڳالھ قُبُول ڪندو آهي، جيڪو حق جي سامهون جھڪندو آهي، جيڪو دِينِ حق جو ڪلمو پڙھندو آهي، جيڪو اِيمان قبول ڪندو آهي، صِرف اهو ئي الله پاڪ سان محبت ڪري سگھي ٿو ۽ اهو الله پاڪ سان ڪهڙي محبت ڪندو آهي؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَشَدُّ حُبًّا لِّلّٰهِؕ- (پاره2،سورۃالبقرۃ:165)        

ترجموڪنزالايمان: ۽ ايمان وارن کي الله جي برابر ڪنهن جي محبت نه آهي

 قُوۡتُ القُلُوب ۾ آهي: هر مؤمن الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو آهي، البته هر هڪ جي محبت ان جي اِيمان جي پختگي جي مطابق گھٽ يا وڌ ٿيندي آهي۔

(قوت القلوب، ذکر احکام المحبۃ، جلد:2، صفحہ: 82)

مٹ جائے یہ خُودی تو وہ جلوہ کہاں نہیں       دردا میں آپ اپنی نظر کا حجاب ہوں

 وضاحت: يعني اسان جي خود پرستي، خود پسندي، غرور ۽ تڪبر ختم ٿي وڃي ته الله پاڪ جي قدرتن جا جلوا هر پاسي آهن، هاءِ افسوس! اسان پاڻ پنهنجي ئي اکين جو پردو آهيون، ڇوته پنهنجي خود پرستي، غرور ۽ تڪبر جي ڪري الله پاڪ جي قدرتن جا نظارا نٿا ڪري سگھون۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد