Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

اي عاشقانِ رسول! اندازو ڪريو! اهي آهن الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارن جون ڪيفيتون...! جيڪو واقعي محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو هن ڳالھ کان ڊڄندو آهي ته ڪٿي منهنجو محبوب مون کان ناراض نه ٿي وڃي، ڪٿي مان پنهنجي محبوب کان پري نه ٿي وڃان، ڪٿي منهنجو محبوب مون کي ڌڪاري نه ڇڏي۔ هاڻي اهي نادان جيڪي محبتِ اِلٰهي جون وڏيون دعوائون ڪندا آهن پر الله پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارن ڪمن ۾ دلير هوندا آهن، نمازون قضا ڪندا آهن ، روزا ناهن رکندا، صدقو خيرات ناهن ڏيندا، عورتن جيان وڏا وڏا وار رکي ويٺا آهن، نشو ۽ ٻيون شيون مثال طور ڀنگ وغيره پئي رهيا آهن ۽ دعويٰ ڪن ٿا ته اسان عشق وارا آهيون، اسان کي الله پاڪ سان محبت آهي۔ جيڪڏهن انهن کي نيڪي جي دعوت ڏني وڃي، نماز پڙھڻ جي دعوت ڏني وڃي، گُنَاھ ڇڏڻ جي، رب کي ناراض ڪرڻ وارا ڪم ڇڏڻ جي دعوت ڏني وڃي ته وڏي جرئت سان چوندا آهن: ادا! نمازون توهان پڙھو! اسان ته پهتل آهيون۔

لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ! محبتِ اِلٰهي جي دعوٰي...! ڪم الله پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارا ۽ ان تي اهڙي جاهلاڻه جرئت...!! نماز الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِري آهي، نماز الله پاڪ کان ڄڻ ملاقات آهي، نمازي نماز پڙھندي ڄڻ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجون التجائون پيش ڪري رهيو هوندو آهي، ڇا ڪو اهڙو به محبت ڪرڻ وارو آهي جيڪو پنهنجي محبوب سان ملڻ پسند نه ڪندو هجي، جڏهن محبوب سان ملڻ جو وقت اچي ته چوي: مان پهتل آهيان، مون کي محبوب سان ملاقات جي حاجت نه آهي؟ حضرت جنيد بغدادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سچ چيو ته ”ها! هو پهتل آهي پر ڪٿي؟ دوزَخ ۾۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اعْبُدْ رَبَّكَ حَتّٰى یَاْتِیَكَ الْیَقِیْنُ۠(۹۹) (پاره:14، سورۂ حِجر:99)       

ترجموڪنزالايمان: ۽ پنهنجي ربّ جي عبادت ڪندو رھ مرڻ جي گهڙي اچڻ تائين.