Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

معلوم ٿيو ته ڪو جتي چاهي پهتل هجي هو جيستائين زِندھ آهي، عقل سلامت آهي، ان وقت تائين عِبَادت کان آزاد نه آهي۔ باقِي رهيو اهڙن نادانن جي محبتِ اِلٰهي جي دعويٰ ڪرڻ ته ڪجھ صُوفي سڳورن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم ”محبتِ اِلٰهي“ جي تعريف ئي هيءَ ڪئي آهي: مُوَاطَاَۃُ الْقَلْبِ لِمُرَادَاتِ الرَّبِّ الله پاڪ جي مَرضِي جي سامهون دِل کي وڇائي ڇڏڻ۔) رسالہ قشیریہ، صفحہ:350(

 خبر پئي جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي احڪامن اڳيان، الله پاڪ جي رضا وارن ڪمن اڳيان، الله پاڪ جي مَرضِي اڳيان پنهنجو پاڻ کي جھڪائي ناهي ڇڏيندو، اهو اڃا محبتِ اِلٰهي جي ميم تائين به ناهي پهچي سگھيو۔ حقيقت ۾ الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو اهو ئي آهي جيڪو الله پاڪ جي رِضا جو طلب گار آهي، الله پاڪ جي ناراضي کان ڊڄي ٿو، جيڪڏهن ان کان ڪو گُنَاھ ٿي به وڃي ته جلدي تَوبه ڪري ٿو، الله پاڪ کي راضِي ڪرڻ جي فِڪر ۾ رهي ٿو۔ ڪاش! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي صدقي ۾ اسان کي به توفيق ملي وڃي، اسان به الله پاڪ جي رِضا جا تمنائي ٿي وڃون۔ افسوس! اسان کي دُنيا جي ڳڻتي رهندي آهي، ڪاروبار جو فِڪر، نوڪري جو فِڪر، پيسن جو فِڪر، امتحانات جو فِڪر، کائڻ جو فِڪر، پيئڻ جو فِڪر، پائڻ جو فِڪر، بَس هر وقت دُنيا ئي جا فِڪر، انهن ۾ جڪڙيل رهون ٿا، ناهي هوندو ته بس جنّت ۾ وڃڻ جو فڪر ناهي هوندو، جهنّم کان بچڻ جو فِڪر ناهي هوندو، اِيمان بچائڻ جو فِڪر ناهي هوندو، الله پاڪ کي راضِي ڪرڻ جو فِڪر ناهي هوندو، ڪاش! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي صدقي محبتِ اِلٰهي نصيب ٿي وڃي، اسان به الله پاڪ کي راضِي ڪرڻ ۽ ان جي ناراضي کان بچڻ جي لاءِ فِڪر مند رهڻ وارا بڻجي وڃون۔

شيخِ طريقت، امير اهلسنت، حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ العَالِيۡه جي ننڍپڻ شريف جي ڳالھ آهي ته هڪ ڀيري سندن ڀيڻ ڪنهن ڳالھ تي چئي ڇڏيو: الياس! توهان کي الله پاڪ ماريندو (يعني سزا ڏيندو)۔ توڙي جو ان وقت امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ العَالِيۡه تمام ننڍي عمر جا