Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

تلاوت ڪندا هئا۔) الزہد امام احمد، زُہد:عثمان بن عفان، صفحہ:105، حدیث:673(

  حضرت زُبَير بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه هميشه روزو رکندا هئا، ابتدائي رات ۾ ڪجھ دير آرام ڪندا، پوءِ سڄي رات عبادت ۾ گذاريندا هئا۔) مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب:صلاۃ التطوع، باب :بقیام اللیل، جلد:2، صفحہ:173، حدیث:6( حضرت عبد الرحمٰن تيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ رات مان ڪعبي شريف جي ويجھو هيس، مون عشاء جي نماز پڙھي، پوءِ مقامِ ابراهيم وٽ بيهي رهيس، ايتري ۾ اَمِيرُالمُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه آيا ۽ سوره فاتحه کان قرآنِ ڪريم جي تلاوت شروع ڪئي ۽ تلاوت ڪندا ويا ايستائين جو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه سڄو قرآنِ ڪريم مڪمل ختم ڪري ورتو۔) زُہد لابن المبارک، باب:فضل ذکر اللہ، صفحہ:452، حدیث:1276خلاصۃً(

اي عاشقانِ رسول! اي عاشقانِ صحابه و اَهلِ بيت! اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه الله پاڪ سان بي پناھ محبت ڪرڻ وارا آهن، سندن ذوقِ عِبَادت، ذوقِ تِلاوت ۽ ذوقِ نماز مان معلوم ٿيو * جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو ڪثرَت سان عِبَادت ڪندو آهي، * جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو فرض نمازن سان گڏوگڏ نفلن جي به ڪثرت ڪندو آهي، * جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو روزا به ڪثرت سان رکندو آهي ۽ * جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو تِلاوتِ قرآن جو ته تمام گھڻو شوقين هوندو آهي ڇوته قرآنِ ڪريم الله پاڪ جو ڪلام آهي ۽ اهو عاشِق ئي ڪهڙو آهي جنهن کي محبوب جي ڪلام سان اُلفت نه هجي...! صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: جيڪو اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته سندس دِل ۾ الله پاڪ جي ۽ ان جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت آهي يا نه، اهو ڏسي ته قرآنِ مجيد سان محبت ڪري ٿو يا نه، جيڪڏهن ان جي دِل ۾ قرآنِ مجيد جي محبت آهي ته سمجھي وٺو ته هو الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪري ٿو۔ )کِتَابُ الشِّفَا،جزء:2، صفحہ:24(