Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

تذڪرو الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي رهيو آهي، روايتن مطابق * جڏهن مسلمان هجرت ڪري مديني پاڪ آيا، اتي پاڻي جي ضرورت پئي، هڪ ئي مٺي پاڻي جو کوھ هو جيڪو ڪنهن يهودي جو هو، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اهو کوھ خريدي مسلمانن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، ان وقت مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کين جنّت جي بشارت ڏني۔ )ریاض النضرۃ، الباب:الثالث، فصل:السادس، جز:3، صفحہ:17( * هڪ ڀيري مسجدِ نبوي شريف کي ڪشادو ڪرڻ جي لاءِ زمين جي ضرورت پئي، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه 20 هزار يا 25 هزار دِرهم (يعني چاندي جي سِڪن) جي عيوض زمين خريد ڪري مسجدِ نبوي شريف جي لاءِ پيش ڪئي، ان وقت به مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کين جنّت جي بشارت عطا فرمائي (ریاض النضرۃ، الباب:الثالث، فصل:السادس، جز:3، صفحہ:18) * مولاءِ ڪائنات، مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، مسجد حرام شريف جتي ڪعبو شريف آهي، هڪ ڀيرو ان مسجد کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ جڳھ جي ضرورت پئي، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه 10 هزار دِينار (يعني سون جي سڪن) جي بدلي هڪ گھر خريد ڪري مسجد جي لاءِ وَقف ڪري ڇڏيو، ان وقت به مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي جنّت جي بشارت عطا فرمائي )ریاض النضرۃ، الباب:الثالث، فصل:السادس، جز:3، صفحہ:20* ( غزوه تبوڪ جي موقعي تي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه 950 اُٺ ۽ 50 گھوڙا ساز ۽ سامان سميت حاضِر ڪيا، )مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:395( بلڪه هڪ روايت ۾ آهي: پاڻ غزوهءِ تبوڪ جي موقعي تي 950 اُٺ ۽ هڪ هزار 50 گھوڙا (ڪل 2000 اُٺ ۽ گھوڙا) پيش ڪيا، 10 هزار اشرفيون پيش ڪيون ۽ بعد ۾ 10 هزار دِينار (سون جا سِڪا) مزيد حاضِر ڪيا، ان وقت به مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي جنّت جي بشارت ڏني. )ریاض النضرۃ، فصل:السادس، جز:3، صفحہ:16، مرآۃ المناجیح، جلد:8،صفحہ:395)