Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

   بلڪ عاشق ته چوندا آهن، اُحُد جبل ڇوته حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪري ٿو، ان ڪري اُحُد خوشي مان جھومڻ لڳو، ان تي ٻنهي جھانن جي مالِڪ ۽ مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اي اُحُد! بيهي رھ...!! توتي هڪ نبي، هڪ صديق ۽ ٻه شهيد آهن۔ اهو ٻڌندي ئي اُحد جبل يڪدم بيهي رهيو۔ (بُخاری، کتاب:فضائل اصحاب النبی، صفحہ:932، حدیث:3675)

   سُبحٰنَ الله! مالِڪ ۽  مختار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اختيار ڏسو جو جبلن تي حڪم نافِذ آهي ۽ عِلمِ غيب جو شان به ڏسو ته حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽  حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اڃا زِندھ  آهن، حُضور سرورِ عالم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ دُنياوي حياتي سان موجود  آهن، ڪيئي سالن کان پوءِ انهن کي شهيد ٿيڻو هو پر غيب ڄاڻڻ واري نبي، مڪي مدني
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پهريان کان ئي معلوم هو ته عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه به شهيد ٿيندا ۽ عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه به شهيد ٿيندا۔

فقيه مِلَّت مفتي جلال الدين امجدي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي چڱي طرح معلوم هو ته نَدِي جو وهندڙ پاڻي رُڪجي سگھي ٿو، جبل پنهنجي جڳھ تان هٽي سگھي ٿو پر الله پاڪ جي محبوب، داناءِ غيوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان ڪڏهن  به نه ٿو بدلجي سگھي، ان ڪري حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي پورو يقين هو ته حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو آهي ته هاڻي لازمي مون کي شهادت جو رُتبو ملندو، ان ڪري پاڻ سڄي زِندگي پنهنجي شهادت جي انتظار ۾ رهيا ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شهادت جو اهو انتظار ڪرڻ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ بيان فرمايو آهي، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ ٻين صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان جي باري ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

فَمِنْهُمْ مَّنْ قَضٰى نَحْبَهٗ وَ مِنْهُمْ مَّنْ یَّنْتَظِرُ ﳲ  (پاره21،سورۃالاحزاب:23)

ترجموڪنزالايمان: پوءِ انهن مان ڪي پنهنجي نذر (مڃتا) پوري ڪري چڪا ۽ ڪو انتظار پيو ڪري.