Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

اسان کي ڪيئن حاصل ٿيندي؟ اهو اَهم سوال آهي، ان جي جواب جي لاءِ والِدِ اعليٰ حضرت مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فرمان جو خُلاصو ٻڌو! فرمائن ٿا: اَصل ۾ محبت ڪسبي ناهي، يعني اسان پاڻ محنت ڪري محبت حاصِل نٿا ڪري سگھون، اها الله پاڪ جي عطا آهي، الله پاڪ جنهن کي چاهي نصيب فرمائي ٿو، ها! اها ڳالھ طئي آهي ته دِل جي صفائي جي بغير اها دولت هٿ ناهي ايندي، لهٰذا جيڪو محبتِ اِلٰهي جو طلب گار آهي، پهريان پنهنجي دِل کي باطني بيمارين کان پاڪ ڪري، پوءِ الله پاڪ چاهيو ته ان کي پنهنجي محبت سان نوازي ڇڏيندو۔

والد اعليٰ حضرت مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: 9 شيون آهن، جيڪي محبتِ اِلٰهي حاصِل ڪرڻ ۾ مددگار آهن: (1): هميشه باوُضُو رهڻ جو ان سان دِل روشن ٿئي ٿي۔ (2): خلوت (يعني گوشه نشيني، اڪيلائي) جو خلوت جي مدد سان ٻانهو دُنياوي مشغوليات کان فارِغ ٿي ويندو آهي، هن سان حوَّاس خاموش ٿي ويندا آهن، يڪسوئي سان الله پاڪ کي ياد ڪرڻ جو، دِل ۽ دماغ حاضِر رکي الله پاڪ ڏانهن متوجھ ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو، خاص ڪري جيڪڏهن انڌيري گھر ۾ هجي ته خلوت جو گھڻو فائدو ٿيندو آهي، جيڪو اونداهي ۾ نه ويهي سگھي، ان کي گھرجي ته پنهنجي مٿي تي ڪپڙو وجھي ۽ اکيون بند ڪري وٺي، هيئن تنهائي ۾ ويهي الله پاڪ کي ياد ڪري۔ (3): سُڪوت يعني خاموشي، ڇو ته خاموشي سان عقل روشن ٿئي ٿو، سمجھڻ جي ۽ ياد رکڻ جي قوَّت مضبوط ٿيندي آهي (4): بُک (يعني گھٽ کائڻ)، (5):بيداري (يعني گھٽ سمهڻ)، (6): نفيءِ خواطِر؛ يعني دِل کي فضول فڪر ۽ خيالن کان پاڪ رکڻ (7): هر حال ۾ رضاءِ اِلٰهي تي راضي رهڻ (8): فڪرِ سالم؛ يعني شرعِي اُصُولن جي مطابق الله پاڪ جي نعمتن، ان جي قدرتن وغيره ۾ غور ڪرڻ (9): ذِڪرِ دائِم يعني هميشه الله پاڪ جي ذِڪر ۾ مَصرُوف رهڻ۔ اهي 9 ڪم جيڪو شخص پابندي ۽ استقامت سان ڪري، الله پاڪ جي رحمت مان اُمِّيد آهي ته ان کي الله پاڪ جي محبت نصيب ٿي ويندي۔ اِن شَآءَ الله الڪرِيم!