Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڀاڻيجا آهن* سابقينِ اَوَّلِين مان آهن يعني شروع ئي ۾ اسلام قبول ڪري اسلام جي دامن ۾ داخِل ٿي ويا هئا، اسلام قبول ڪرڻ ۾ سندن چوٿون يا پنجون نمبر آهي، * عشره مبشره (يعني زبانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان جنّت جي بشارت ماڻڻ وارن 10 صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان) مان آهن * سرڪار اعظم، رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان ايتري محبت ڪندا هئا جو پاڻ هڪ، هڪ ڪري پنهنجون ٻه شهزاديون حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي نِڪاح ۾ ڏنيون۔ (نزہۃ القاری، جلد:1، صفحہ:544، خلاصۃً) اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيءَ طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا:

نُور کی سرکار سے پایا دوشالہ نُور کا             ہو مُبَارک تُم کو ذُو النُّوْرَیْن جوڑا نُور کا

(حدائِقِ بخشش، صفحہ:246)

* حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ مون کي وَحي فرمائي ته مان پنهنجي ٻن نياڻين جو نِڪاح عثمان سان ڪيان۔ (معجم الاوسط، جلد:2، صفحہ:346، حدیث:3501) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: جيڪڏهن منهنجون سؤ نياڻيون هجن ها، انهن مان هڪ جي وفات ٿئي ها ته مان ٻي عثمان جي نِڪاح ۾ ڏيان ها، ان جو انتقال ٿئي ها ته مان ٽئين عثمان جي نِڪاح ۾ ڏيان ها، ايستائين جو مان پنهنجون 100 جون 100 شهزاديون هڪ هڪ ڪري عثمان جي نِڪاح ۾ ڏئي ڇڏيان ها۔ (کنزُ العُمال، کتاب:الفضائل، جلد:7، جُز:13، صفحہ:21، حدیث:36201) * مولاءِ ڪائنات، موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي باري ۾ سُوال ٿيو ته فرمايائون: عثمان اهي آهن جو انهن کي ملائڪ”ذُوالنُّورَين“ چوندا آهن، رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا نياڻا آهن، پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي جنَّت جي بشارت ڏني۔ (ریاض النضرۃ،مناقب :عثمان بن عفان، اسمہ و کنیت، جز:3، صفحہ:6) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: عثمان ڪيترو ڀلو انسان آهي! منهنجو داماد آهي، منهنجي ٻن نياڻين جو مڙس آهي، الله پاڪ هن ۾ منهنجو نُور جمع فرمايو آهي۔ (روض الفائق، مجلس:ثالث والخمسون، مناقب الخفاء، صفحہ:313)