Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

پوءِ حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه مون کي اسلام جي باري ۾ ٻڌايو، ڪفر ۽ شرڪ جي نحوست سان آگاھ ڪندي چيائين: عثمان! اوهان جي ماسيءَ سچ چيو آهي، واقعي مُحَمَّد بن عبد الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جا سچا رسول آهن، الله پاڪ سندن کي رِسالت جو تاج پارائي سڄي مخلوق جي هدايت جي لاءِ موڪليو آهي، اي عثمان! توهان پاڻ بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر ٿي سندن ڪلام ڇو نٿا ٻڌو؟

حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ترغيب تي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيڻ جي حامي ڀري ورتي پر قسمت کي ڪجھ ٻيو ئي منظور هو، حضرت عثمانِ غني ۽ ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡهما اڃا اهي ڳالهيون ڪري ئي رهيا هئا ته ٻنهي جھانن جا تاجدار، رسولن جا سالار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ويجھو کان گذريا، جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ڏٺو ته ويجھو اچي فرمايائون: يَا عُثْمَانُ! اَجِبِ اللهَ اِلىٰ جَنَّتِهِ، فَاِنِّيْ رَسُوْلُ اللهِ اِلَيْكَ وَاِلىٰ خَلْقِهِ  يعني اي عثمان! جَنّت جي طرف الله پاڪ (گھرائي ٿو، ان) جي دعوت تي لبيڪ چئو...!! بيشڪ مان توهان ۽ تمام مخلوق ڏانهن الله جو رسول آهيان۔

مڪي آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زبان مان نڪتل خوشبودار ڪلام تاثِير جو تِير بڻجي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي دِل ۾ لهي ويو، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڪيزه ڪلام ٻُڌي مان پاڻ کي سنڀالي نه سگهيس ۽  سندن تي فدا ٿيڻ لڳس ۽ مون يڪدم سچي دِل سان چيو. (ریاض النضرۃ، الباب:الثالث، فصل:الرابع، جز:3، صفحہ:8-9خلاصۃً):

اَشهدُ اَن لَّا اِلٰه اِلّا الله وَحدَه لَا شَرِيک لَه وَاَنَّ مُحَمَّداً عَبدُه وَرَسُولُه

اللہ سے کیا پیار ہے عثمانِ غنی کا                        محبوبِ خُدا یار ہے عثمانِ غنی کا

گرمی پہ یہ بازار ہے عثمانِ غنی کا                         اللہ خریدار ہے عثمانِ غنی کا

(ذوقِ نعت، صفحہ:80)