Imam Hussain Ki Ibadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه نيڪ عمل ادا ڪندا هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان الله پاڪ کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن تي عمل ڪري زندگي گذاري رهيا آهيون يا نه؟ حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهحج جي ادائيگي جا شوقين هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان استطاعت هئڻ جي باوجود شرعي اصولن جي مطابق فرض حج به ڪيو آهي يا نه؟ مطلب ته حضرت امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي زندگي جا رات ۽ ڏينهن ربِّ ڪريم جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندا هئا ۽ ڪا گھڙي (Moment) فضول ڪمن ۾ نه گذاريندا ها بلڪ هر وقت دل يادِ خداوندي ۾ مصروف رهندو هو ته زبان ذڪرِخُدا سان معمور رهندي هئي، ڄڻ ته پاڻ اٿندي، ويهندي هلندي ڦرندي، کائيندي پيئندي، سمهندي جاڳندي هر حالت ۾ ۽ هر وقت ربِّ ڪريم جو ذِڪر ڪندا هئا ۽ خاص ڪري نماز جي ادائيگي جو بيحد خيال ڪندا هئا ۽ وڏي ذوق ۽ شوق سان نماز ادا ڪندا هئا، ڇوته نماز جي تعليم ته ننڍپڻ ئي ۾ نبي ڪريم، رؤف رحيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان حاصل ٿي هئي، اهو مدني تربيت جو ئي فيضان هو جو پاڻ فرض نمازن سان گڏوگڏ نفل جي به تمام گھڻي ڪثرت ڪندا هئا۔

     سُبْحٰنَالله! قُربان وڃجي! نواسَهءِ رسول، جگر گوشَهءِ بتول حضرت ِامامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي عبادت ۽ رياضت جي ذوق ۽ شوق تي، جو جنّتي نوجوانن جا سردار آهن، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه وڏي رتبي وارا صحابي آهن، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهاهلِ بيتِ مُصطفٰي ۾ شامل آهن، حضرت ِامامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُناموليٰ عليرَضِىَ اللهُ عَنْه جا شهزاده آهن، حضرت ِامامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهحضرت بي بي فاطمهرَضِىَ اللهُ عَنْها جي جگر جا ٽڪرا آهن، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ٻنهي جھانن جي مالڪ و مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڏوهٽا آهن، حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه اهلِ بيت مان آهن ۽ اهلِ بيتِ