Imam Hussain Ki Ibadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

ڪرام (عليھم الرضوان) جو شان  اهو آهي جو آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمارشاد فرمايو: ڪو ٻانهو ڪامل مؤمن تيسيتائين نٿو ٿي سگهي جيستائين مونکي پنهنجي جان کان وڌيڪ نه چاهي ۽ منهنجي ذات ان کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ محبوب نه هجي ۽ منهنجي اولاد ان کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ پياري نه هجي ۽ منهنجا اهلبيت ان کي پنهنجي گهر وارن کان وڌيڪ پيارا ۽ محبوب نه هجن. (شعب الایمان،باب فی حب النبی،  ۲/ ۱۸۹ ،حدیث: ۱۵۰۵) حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه صحابه ڪرام ۾ شامل آهن ۽ صحابه ڪرام (عليھم الرضوان) جو  شان اهو آهي ته مديني جي تاجدار، بيڪسن جي مددگارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو: توهان جو جبل جيترو سون خيرات ڪرڻ منهنجي ڪنهن صحابي جي سوا سير جَو خيرات ڪرڻ بلڪ ان جي اڌ جي برابر به نٿو ٿي سگهي۔“ ( بخاری،کتاب فضائل اصحاب النبی،باب قول النبی لو کنت متخذا خلیلا، ۲ /۵۲۲،حدیث: ۳۶۷۳) انهن تمام فضائلن جي باوجود امام حسين جو حال اهو آهي جو فرض سان گڏوگڏ نفل عبادت جي ڪثرت ڪري رهيا آهن۔  

      اي عاشقانِ صحابه ۽ اولياء! اسان جا بُزرگانِ دينرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهاجمعينڪثرت سان ربِّ ڪريم جي عبادت ۽ نفل نمازن جي ڪثرت ڪندا هئا جڏهن ته ٻئي پاسي اسان جي فرض نمازن جي معاملي ۾ سستي مُسلسل وڌندي پئي وڃي، ڪنن ۾ آذان جو آواز ايندو آهي پر اسان پنهنجي ڪم ڪار جي مصروفيتن جو بهانو بڻائي يا وري سُستي جي ڪري نماز قضا ڪرڻ ۾ شرم محسوس نٿا ڪيون، جڏهن ته گُناھ ڪرڻ جي لاءِ اسان جي سُستي يڪدم چُستي ۾ بدلجي ويندي آهي۔ ڪجھ ته اهڙا به ڇڙواڳ ۽ ڳالهڙو هوندا آهن جو جڏهن اُنهن کي دِين جو درد رکڻ وارو ڪو اسلامي ڀاءُ سمجھائيندي نيڪي جي دعوت ڏي ۽ نماز پڙھڻ يا قضا نمازون ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ته چوندا آهن اِنْ شَآءَالله ايندڙ جمعي کان ٻيهر نمازون پڙھڻ شُروع ڪنداسين يا رَمضان کان باقاعده