Imam Hussain Ki Ibadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

ٻار جي سٺي تربيت ڪريو ڇوته توهان کان توهان جي اولاد جي باري ۾ پڇيو ويندو ته توهان ان جي ڪهڙي تربيت ڪئي ۽ توهان ان کي ڇا سيکاريو۔ (شعب الايمان،باب في حقوق الاولاد والاھلين، ۶/۴۰۰،حديث: ۸۶۶۲)

      والدين تي اولاد جي جيڪي حق اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنَّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رحمة الله عليه بيان فرمايا آهن، انهن مان ڪجھ حق پيشِ خدمت آهن: *زبان کُلندي ئي الله الله پوءِ پورو ڪلمو لَاۤ اِلٰه اِلَّاا پوءِ پورو ڪلمو طيب سيکاري * جڏهن شعور اچي  ته اَدب سيکاري، کائڻ، پيئڻ، کلڻ، ڳالهائڻ، اٿڻ، ويهڻ، هلڻ ڦرڻ، حيا، لحاظ، بزرگن جي تعظيم، ماءُ پيءُ، استاد ۽ دُختر (يعني نياڻي) کي مڙس جي به اِطاعت جا طريقا ۽ آداب ٻڌائي۔ * قرآنِ مجيد پڙھائي۔* نيڪ، صالح، متقي، صحيح العقيده، وڏي عمر واري استاد جي حوالي ڪري ۽ دُختر(نياڻي) کي نيڪ پارسا عورت کان پڙھائي۔* ختمِ قرآن کان پوءِ هميشه تلاوت جي تاڪيد ڪري۔ * عقائدِ اسلام ۽ سنَّت سيکاري ڇوته لوح ساده فطرتِ اسلامي ۽ قبولِ حق تي مخلوق آهي (يعني ننڍا ٻار دينِ فطرت تي پيدا ڪيا ويا آهن اهي حق کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا تنهنڪري) ان  وقت جو سکاريل پٿر تي لڪير آهي۔ *حضورِ اقدس، رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت ۽ تعظيم انهن جي دل ۾ وجھي ڇوته اصلِ ايمان ۽ عينِ ايمان آهي۔*حضورپُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آل ۽ اَصحاب ۽ اولياء ۽ عالمن جي محبت ۽ عظمت سيکاري ڇوته اصلِ سنَّت ۽ زيورِ ايمان بلڪ ايمان جي بقا جو سبب آهي۔* ست سالن ( Years7) جي عمر کان نماز جي زباني تاڪيد شروع ڪري ڇڏي۔*علمِ دِين خاص ڪري وُضو، غسل، نماز ۽ روزي جا مَسئلا توڪل، قناعت، زُهد، اِخلاص، تواضع، اَمانت، صِدق، عدل، حيا، دل جي سلامتي ۽ زباني جي حفاظت وغيره  خوبين جا فضائل، حرص ۽ طمع، حُبِّ دُنيا، حُبِّ جاه، رِيا، عجب، تڪبُّر، خِيانت، ڪذب، ظُلم،