Imam Hussain Ki Ibadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

*حديث شريف ۾ فرمايو ويو: وڏن جي صحبت ۾ ويهو ۽ عالمن کان ڳالهيون پڇا ڪريون ۽ داناء سان ميل جول رکو۔(المعجم الڪبير،۲۲/۱۲۵، حديث:۳۲۴) * سٺو همنشين اهو آهي جو ان کي ڏسڻ سان توهان کي خدا ياد اچي، ان جي گفتگو (Conversation) سان توهان جي عمل ۾ زيادتي ٿئي ۽ ان جو عمل توهان کي آخرت جي ياد ڏياري۔ (الجامع الصغير، حرف الخاء، ص۲۴۷، حديث:۴۰۶۳)* چڱي دوست جي همنشيني نه صرف دنيا ۾ فائديمند هوندي آهي بلڪه قبر ۾ به نيڪوڪار جي صحبت فائدو پهچائيندي آهي۔ (اچھے ماحول ڪي برڪتيں،ص۳۳)*عمل ڪرڻ جو اهو اعليٰ جذبو جيڪو هڪ پاڪيزه ماحول جي صحبت سان ملندو آهي اهو ٻي طرح ناممڪن ناهي ته مشڪل ضرور آهي۔(سابقه حواله،ص۲۱)* اهڙو ماحول بنائڻ گھرجي جنهن ۾ تمام شريڪ ٿيندڙن جو اٿڻ ويهڻ پاڻ ۾ ملاقات ڪرڻ ۽ هڪٻئي سان محبت رکڻ فقط الله پاڪ جي رضا ۽  خوشنودي جي لاءِ هجي۔(سابقه حواله،ص۲۵)* سٺي ماحول سان سٺي صُحبت ميسر ٿيندي آهي۔(سابقه حواله،ص۱۶)* چڱي ماحول سان وابسته ٿيڻ تي ظاهر ۽ باطن جي اصلاح ٿيندي آهي۔ (سابقه حواله، ص۱۶) *بُري ماحول کي اپنائڻ وارا ماڻهو پنهنجي عزت ۽ وقار ۽ حيثيت کي وڃائي ويهندا آهن۔ (سابقه حواله، ص۲۶) *حضرت مالڪ بن دِيناررَحْمَة الله عَلَيه جن فرمايو: جنهن ڀاءُ يا ساٿي جي صحبت توهان کي دِيني فائدو نه پهچائي توهان ان جي صُحبت کان بچو ته جيئن توهان محفوظ ۽ سلامت رهو۔ (ڪشف المحجوب ، باب الصحبة ومايتعلق بها ، ص۳۷۴)*سٺي صحبت ۽ نيڪين جي رَغبت ڏيارڻ وارو دعوتِ اسلامي جو روح پرور ماحول عبادتن ۽ معاملن جي نگهباني ۽