Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

هوندو، الله! الله! هي ته اهي آقا آهن جيڪي اُمَّت سان اهڙي محبت فرمائن ٿا جو پنهنجي اُمّتين کي معمولي تڪليف ۾ ڏسڻ به پسند نٿا فرمائن۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو وَصف بيان فرمايو آهي:

عَزِیْزٌ عَلَیْهِ مَا عَنِتُّمْ  (پاره:11، سورۂ توبه، آيت:128)                                          

ترجمو ڪنزالايمان؛ جنهن کي توهان جي تڪليف ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي.

 اي عاشقانِ رسول! رحمت وارا آقا، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي پنهنجي امت سان ايتري قدر پيار ڪن ٿا، جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُن عاشِق کي مصيبتن ۾ ڏٺو هوندو، اکين مان لڙڪ به جاري ٿي ويا هوندا پر...... اهو امتحان جو وقت هو ۽ امتحان ۾ صبر ئي ڪبو آهي۔

آخر ان عاشِقِ رسول جي آزمائش جو وقت ختم ٿيو، اهو پنهنجي عشق جي ان امتحان ۾ ڪامياب ٿيو۔ ٿيو ايئن جو هڪ ڏينهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڪاش! ڪنهن طرح ان غُلام کي خريد ڪري آزاد ڪيو وڃي۔

آقا جي يارِ غار حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللّهُ عَنه جڏهن اها خواهش ٻُڌي ته جلدي مان اُتي ويا وڏي قيمت ادا ڪري ان عظيم عاشِقِ رسول کي خريدي غُلامي کان آزاد ڪري پياري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ حاضِر ڪري ڇڏيو۔ (اُسد الغابہ، بلال بن رباح، جلد:1، صفحہ:416، خلاصۃً)

ستم ہائے فَرَاواں کی بڑھی جب حد سے بےدردی             تو ان کی حضرت بو بکر نے قیمت ادا کر دی

اَخُوَّت مذہبِ اسلام کا پتھر ہے بنیادی                غلاموں کو دلائی ہے اسی جذبے نے آزادی

مسلماں ہونے والوں سے غُلامی کی مٹی ذِلّت      کہ آڑے آگئی عثماں اور بُو بکر کی ہمت

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد