Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

نچي رهيا آهن، جڏهن ته انهن گانن ۾ ڪفريه اَشعَار آهن ۽ انهن کي خبر ئي ناهي، بَس پنهنجي مستي ۾ مَست جھونگاريندا آهن، وڏي مزي سان ٻڌندا رهندا آهن۔

هونئن به گانن ۾ ڪفرِيه ڪلمات نه هجن تڏهن به ڳائڻ وڄائڻ ٻڌڻ، ٻڌائڻ شيطاني ڪم آهي ۽ ان جو ايترو سخت عذاب آهي جيڪو برداشت نه ٿي سگھندو۔ روايتن جي مطابق جيڪو گانو ٻڌندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان جي ڪنن ۾ پگھريل شيهو وڌو ويندو۔ (کنز العمال، جلد:15، صفحہ:96، حدیث:40662)

 * بعض اوقات مصيبت ايندي آهي، پريشاني ايندي آهي، ڪنهن جوان جي موت ٿي وڃي، اوچتو حادثو ٿي وڃي ته شڪوا شڪايت ڪندا آهن، بعض نادان ته مَعَاذَ الله (الله پاڪ جي پناھ) ڪفريه جملا به بَڪي ڇڏيندا آهن ۽ ديني معلومات جي ڪمي سبب انهن کي هن ڳالھ جي خبر ئي ناهي هوندي ته اهو ڪفريه جملو آهي جيڪو اسلام جي دائري مان خارِج ڪري ڇڏيندو آهي۔ * بعض نادان غير مسلمن جا طَور طريقا اپنائيندا آهن. انهن جي مذهبي ڏهاڙن ۾ شامِل ٿيندا آهن، ڪو دُنياوي مفاد هوندو آهي، لالچ هوندي آهي، پيسن جو حِرص هوندو آهي ۽ هن چڪر ۾ مَعَاذَ الله! اِيمان ڏانهن توجھ ناهي هوندو، الله پاڪ جي ناراضِي جو خيال ناهي هوندو، خوفِ خُدا جي ڪمي هوندي آهي، عِشقِ رسول جي ڪمي هوندي آهي ۽ اهڙي طرح اهي غير مسلمن جي صحبت جي ڪري، انهن جي مذهبي ڏهاڙن ۾ شريڪ ٿي ڪڏهن ته ايمان جو سودو ڪري چڪا هوندا آهن، ڪفر جي انڌي کوھ ۾ ڪري پوندا آهن ۽ انهن کي پنهنجي دَولتِ ايمان لُٽجي وڃڻ جو اِحسَاس تائين ناهي هوندو۔

ڪاش! مُؤذِّنِ رسول، سچي عاشِقِ رسول، حضرت بلالِ حبشي رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي صدقي ۾ اسان کي ايمان جي سلامتي نصيب ٿي وڃي۔

مسلماں ہے عطار تیری عطا سے          ہو  ایمان  پر  خاتمہ  یا  اِلٰہی

(وسائل بخشش، صفحہ:105)