Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

هن آيت سڳوري ۾ الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي حڪم ڏنو ته اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان هنن صحابه کي هرگز پنهنجي بارگاھ مان پري نه ڪريو، هي ته اهي نيڪ ۽ پارسا آهن جيڪي صبح ۽ شام الله پاڪ جي عِبَادت ڪن ٿا ۽ عِبَادت به ڪهڙي...؟ ڏيکاء واري نه، رياڪاري واري نه، دُنياوي لالچ واري عِبَادت نه  بلڪه  یُرِیْدُونْ وَجْہَہٗ پنهنجي هن عِبَادت سان صِرف الله پاڪ جي رِضا گُھرن ٿا۔

جب تک بِکے نہ تھے، کوئی پوچھتا نہ تھا         آپ نے خرید کر ہمیں انمول کر دیا

اللہُ اَکْبَر! انهن صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جي شان ۾ الله پاڪ وڌيڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اِذَا جَآءَكَ الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِاٰیٰتِنَا فَقُلْ سَلٰمٌ عَلَیْكُمْ كَتَبَ رَبُّكُمْ عَلٰى نَفْسِهِ الرَّحْمَةَۙ-  (پاره7،سورۃالانعام:54)

ترجمو ڪنزالايمان:۽ جڏهن توهان جي حضور اهي حاضر ٿين جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا توهان انهن کي فرمايو توهان تي سلامتي توهان جي رب پنهنجي ڪرم جي ذمي تي رحمت لازم ڪئي آهي.

يعني اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهي پاڪ انسان جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا، جڏهن اهي اوهان جي خِدمت ۾ حاضِر ٿين ته اوهان انهن جي عِزَّت افزائي ڪريو، انهن سان سلام ۾ اڳرائي ڪريو ۽ انهن کي اها خوشخبري ٻُڌايو ته الله پاڪ فَضل ڪندي پنهنجي ذِمّي تي رحمت لازِم ڪري ورتي آهي۔ (تفسیر صراط الجنان، پارہ:7، سورۂ انعام، زیرِ آیت:54، جلد:3، صفحہ:118، خلاصۃً)

حضرت خَبَّاب رَضِىَ اللّهُ عَنۡه فرمائن ٿا: جڏهن اهي آيتون نازِل ٿيون ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي گھرايو، اسان حاضِرِ خِدمت ٿياسين، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهي آيتون تلاوت فرمائي رهيا هئا، ان ڏينهن کان