Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

جي بارگاھ ۾ حاضِري جي خواهش ڪن ٿا، اهي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ هلي حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي گھر آيا۔ پڇيائون: بِلال گھر ۾ آهن؟ حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي گھرواريء عرض ڪيو: هو ته گھر ۾ ناهن۔

پوءِ زوجه محترمه عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! بِلال جڏهن گھر هوندا آهن، ته سندن زبان تي بَس هڪ ئي تڪرار هوندي آهي: قَالَ رَسُوْلُ اللہِ، قَالَ رَسُوْلُ اللہِ اڄ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هيئن فرمايو، اڄ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هيءُ فرمايو۔

عشق ڏسو! حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جيستائين بارگاھ رسالت ۾ حاضِر رهندا هئا، ديدارِ مصطفيٰ جا جام پيئندا رهيا، جڏهن گھر ايندا هئا ته پنهنجي محبوب آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون ئي ڳالھيون ڪندا هئا۔

وِچھوڑے دے میں صدمے روز جَھلَّاں یارسول اللہ!

کراں میں تیریاں دِن رات گَلَّاں یارسول اللہ!

 خير! رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اها ڳالھ ٻُڌي فرمايائون: مَا حَدَّثَکِ عَنِّیْ بِلالٌ  فَقَدْ صَدَقَ بِلال منهنجي طرفان جيڪا به حديث بيان ڪن ٿا، اها سچ آهي، بِلال لَا یَکْذِبُ بلال ڪڏهن ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا۔ (تاریخ مدینہ دمشق، جلد:10، صفحہ:463)

        اي عاشقانِ رسول! ڪمال ڏسو! سچّي آقا، رسولِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي سچي زبان مان سچي عاشِقِ رسول حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي سچائي جي شاهدي ڏئي رهيا آهن۔ اهو آهي حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو شان۔ ڪاش! حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي صدقي اسان کي هميشه سچ ڳالهائڻ جي توفيق ملي، ڪاش! ڪوڙ کان اهڙي نفرت ٿئي جو مرڻ گھڙي تائين ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايون، ڪوڙ ڳالهائڻ