Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ گھرايو آهي، حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي ڪيفيت ڇا هوندي؟ اهو ته معلوم نٿو ڪري سگھجي، البته دِل ئي دِل ۾ حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي اُن وقت جي ڪيفيتن جو تصور ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو! حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه ڇا سوچيندا هوندا؟ ها! ها! جلد ئي مان مديني پاڪ جي گهٽين ۾ پهچي ويندس، جلد ئي مسجد نبوي شريف نظر ايندي، مديني پاڪ جا خُوبصورت دَر ۽ دِيوار هوندا، غريبن کي پالڻ واري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ گھرايو آهي، جلوه به ڏيکاريندا، ديدار جا جام به پيئاريندا۔

ہے آرزُو یہ دِل کی، میں بھی مدینے جاؤں            سلطانِ دوجہاں کو سب حالِ دِل دِکھاؤں

کاٹوں ہزار چکر طیبہ کی ہر گلی کے                         یُوں ہی گزار دُوں میں اَیَّام زِندگی کے

پھولوں پہ جاں نثاروں، کانٹوں پہ دِل کو وارُوں                  ذَرَّوں کو دُوں سلامی، دَر کی کروں غُلامی

دِیوار دَرْ کو چوموں، قدموں پہ سَر کو رَکھ دُوں          محبوب سے لپٹ کر  روتا رہوں برابر

 الله! الله! سَفَر ڪندي ڪندي حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه کي مديني پاڪ جا دَر ۽ دِيوار نظر آيا هوندا، هي اهي گھڙيون آهن، جڏهن پيارا آقا، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سَفَر تان واپسي تي سُواري کي تيز ڪندا هئا، ان وقت حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جون ڪيفيتون ڇا هونديون؟ مديني پاڪ تي وسندڙ نُور، اتي جا روشن روشن در ۽ دِيوار ڏسي حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه بيتاب ٿي ويا هوندا، دِل ۾ محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار جي تڙپ ويتر وڌي وئي هوندي، دِل تڙپي رهي هوندي، ڌڙڪن تيز ٿي وئي هوندي۔

اللہُ اَکْبَر! حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه مديني پاڪ پهتا پر افسوس! حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مَسجِد ۾ ناهن، اَزواجِ مطهرات جي حُجرن ۾ به نه آهن، افسوس! غُلام کي مُلڪ شام مان گھرايو ۽ پاڻ پردي ۾ تشريف فرما آهن۔

آخر حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مزار منور تي حاضِر ٿيا،