Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten
يعني هاڻي توهان جو ڪم آسان ٿيندو.([1]) * هڪ ڀيري حضرت بُريده اسلمي رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي قبيلي جي 70 افراد سان بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان پڇيو: اوهان ڪير آهيو؟ عرض ڪيائين: اَنَا بُرَيدَه مان بُريده آهيان، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي نالي مان نيڪ فال وٺندي فرمايائون: بَرَدَ اَمرُنا وَ صَلُحَ اسان جو معاملو ٿڌو ٿي ويو ۽ دُرست ٿي ويو۔([2])
خيال رهي! نيڪ فال ڪنهن چڱي ڳالھ، نيڪ شخص جي زيارت يا بابرڪت ڏينهن کان وٺي سگھجي ٿي، پکين ۽ جانورن کان جهڙي طرح بُرو شگون وٺڻ منع آهي اهڙي طرح پکين ۽ جانورن مان نيڪ فال وٺڻ جي به اجازت نه آهي۔([3])