Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

سبب روئيندا هئا ته الله پاڪ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کي موڪليندو هو، حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪندا هئا: اي ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام! الله پاڪ فرمائي ٿو: ڇا ڪڏهن اهڙو دوست ڏٺو آهي جيڪو پنهنجي دوست کي عذاب ڏيندو هجي؟ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام اهو ٻُڌي فرمائيندا هئا: اي جبريل! جڏهن مان پاڻ ڏانهن نِگاھ ڪيان ٿو ته اهو وساري ويهندو آهيان ته مان الله پاڪ جو خليل آهيان۔([1]) اهو آهي: حَقَّ تُقٰتِہٖ.يعني الله پاڪ کان ائين ڊڄڻ جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي۔

حضرت اَبُو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسلام جا پهريان خليفه آهن، اَمِيرُالمَؤمِنِين آهن، انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام کان بعد تمام انسانن ۾ سڀ کان اَفضَل آهن، هڪ ڀيري پاڻ رات جي وقت قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪري رهيا هئا، هيءَ آيت سڳوري پڙهيائون:

اِنَّ اللّٰهَ اشْتَرٰى مِنَ الْمُؤْمِنِیْنَ اَنْفُسَهُمْ وَ اَمْوَالَهُمْ بِاَنَّ لَهُمُ الْجَنَّةَؕ- (پاره:11، سورۂ توبه، آيت:111)        

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ الله مسلمانن کان سندن مال ۽ جان خريد ڪري ورتا آهن هن بدلي تي ته انهن جي واسطي جنت آهي.

هن آيت کي پڙھي حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه روئڻ لڳا، روئيندا رهيا، روئيندا رهيا، ايستائين جو صبح ٿي ويو، ان وقت به اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا، ڪنهن پڇا ڪئي: عاليجاھ! اوهان ايترو ڇو رُنا؟ فرمايائون: الله پاڪ جنّت کي اسان جي جان ۽ مال جي قيمت فرمايو آهي، هاڻي مُعَاملو اهو آهي جو ڪنهن به شيء جي قيمت ان وقت ملندي آهي جڏهن اها شيء بي عيب هجي، صحيح سلامت هجي، عيب واري  شيءِ کي ڪوبه ناهي خريد ڪندو۔ جنّت اسان جي جان جي قيمت آهي، قيامت جي ڏينهن جڏهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِري ٿيندي، ان وقت خُدانخواسته جيڪڏهن اهو فرمايو ويو ته توهان جي جان جنهن جي بدلي ۾ جنّت ملڻي هئي، اها جان ناڪاره آهي، هن ۾ هزارين


 

 



[1]...منہاج العابدین مترجم، صفحہ:394۔