Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

عيب آهن، ان ڪري اهڙي جان جي بدلي ۾ جنّت نه ملي سگھندي ته ان وقت اسان جو ڇا ٿيندو...؟ اهو سوچي مان سڄي رات روئيندو رهيس۔([1])

الله اَڪبَر! اهو آهي: حَقَّ تُقٰتِہٖ يعني الله پاڪ کان ائين ڊڄڻ جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي۔ ٻانهو پنهنجي نيڪين تي نِگاھ نه ڪري، پنهنجي چڱائين تي نِگاھ نه ڪري، پنهنجي مقام ۽ مرتبي کي نه ڏسي بلڪه الله پاڪ جي بي نيازي کي ڏسي ۽ ان کان ڊڄي، ائين ڊڄي جو دِل ۾ گھٻراهٽ پيدا ٿئي، اکين ۾ لڙڪ اچن ۽ ٻانهو پنهنجي رَبّ جي بارگاھ ۾ ائين جھڪي وڃي جو وري ڪڏهن به نافرماني ڏانهن نه وڌي، اهو آهي: الله پاڪ کان ائين ڊڄڻ جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي۔

مِثَالي مُعَاشَري جي لاءِ خوفِ خُدا پهريون شرط آهي

اي عاشقانِ رسول! اهو خوفِ خُدا يعني الله پاڪ جو اهڙو ڊپ، جھڙو ان کان ڊڄڻ جو حق آهي، اهو خوف جيڪڏهن اسان کي نصيب ٿي وڃي ته يقين ڪيو! * اسان جو مُعَاشرو واقعي مِثَالي مُعَاشرو بڻجي ويندو * اسان جي سماج مان تمام برائيون ختم ٿي وينديون * گُنَاهن جا اڏا وِيران ٿي ويندا ۽ سڄو مُعَاشرو دُنيا ۾ جنّت جي تصوير بڻجي ويندو۔ جيتوڻيڪ گُنَاهن جي جرمن جا ٻيا به کوڙ سبب آهن، انهن مان هڪ نهايت اَهم ۽ بنيادي سبب خوفِ خُدا جي ڪمي به آهي۔ * شراب ڇو پيتو ويندو آهي؟ خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري * انسان بدڪاري ڏانهن ڇو وڌندو آهي، خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي سبب * وياج ڇو کائن ٿا، خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري * چوريون ڇو ٿينديون آهن؟ خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري * ڌاڙا ڇو لڳندا آهن؟ خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري * ناحق قتل ڇو ٿيندا آهن؟ خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري * جُوا جا اڏا ڇو هلن ٿا؟ خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري * ٻين کي ناحق تڪليف ڇو پهچائي ويندي آهي؟ خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري


 

 



[1]...انوارِ جمالِ مصطفےٰ، صفحہ:177، خلاصۃً۔