Data Huzoor Ki Nasihatain

Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

خواهشن جي پٺيان هلندي گذري رهيو آهي، اسان الله پاڪ جي رضا ڏانهن توجھ ئي ناهي ڪيو ته ٻڌايو! بندگي ڪٿي آهي؟ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اللّٰهُ وَ رَسُوْلُهٗۤ اَحَقُّ اَنْ یُّرْضُوْهُ   (پاره:10، سورۂ توبه، آيت:62)

ترجموڪنزالايمان: ۽ الله ۽ رسول جو حق وڌيڪ هو جو ان کي راضي ڪن ها.

معلوم ٿيو: الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا حاصِل ڪرڻ ضروري ۽ اَهم آهي. پر افسوس! اسان پنهنجي نفس کي، ماڻهن کي راضِي ڪرڻ جي چڪرن ۾ رهون ٿا. ڏسو! داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الله پاڪ جا ٻانها آهن، پاڻ  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الله پاڪ جي رضا جا طلب گار رهندا هئا، اسان به الله پاڪ جا ٻانها آهيون، اسان کي به ته بندگي ڪرڻي آهي، اسان کي به ته پنهنجي پياري الله پاڪ کي راضِي ڪرڻو آهي۔ اچو! نيت ڪيون ٿا ته اڄ کان هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان ڪجھ سيڪنڊ رُڪي سٺيون نيتون ضرور ڪندا سين۔

شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علَّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه هن پُرفتن دَور ۾ نيڪ بڻجڻ جو جيڪو ناياب نسخو عطا فرمايو آهي يعني 72 نيڪ اَعمَال، ان ۾ سڀ کان پهريون نيڪ عَمَل اهو آهي: ڇا اڄ اوهان ڪجھ نه ڪجھ جائِز ڪمن کان پهريان گھٽ مان گھٽ هڪ هڪ سٺي نيت ڪئي؟

يقين ڪريو! جيڪڏهن اسان صِرف هن هڪ نيڪ اعمال کي چڱي طرح پنهنجي زِندگي ۾ اپنائي وٺون ته اسان جي زِندگي جو قبلو دُرُست ٿي ويندو۔ هن هڪ نيڪ عمل کي اپنائڻ سان اسان جا 24 ڪلاڪ نيڪين ۾ گذري سگھن ٿا؛ مثال طور * اسان رات جو سمهڻ کان پهريان نيت ڪري وٺون: عِبَادت تي قُوَّت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ سمهان ٿو، فجر جي نماز باجماعت ادا ڪندس۔ اها