Data Huzoor Ki Nasihatain

Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

(2): ٻي شيء آهي: دِل کي دُنيا جي محبت مان خالي ڪرڻ۔ اها پهرين شيء ئي جي هڪ شاخ آهي۔

اهي ٻئي شيون اَصل بنياد آهن۔ الله پاڪ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي حڪم ڏنو:

وَ تَبَتَّلْ اِلَیْهِ تَبْتِیْلًاؕ(۸)  (پاره:29، سورۂ مزمل:8)       

ترجموڪنزالايمان: ۽ سمورن کان ڇڄي فقط انهيءَ جو ٿئي رھ.

هڪ ڀيري هڪ شخص سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهڙي نصيحت فرمايو! جنهن تي عَمَل ڪرڻ سان مان الله پاڪ جو محبوب ٻانهو بڻجي وڃان؟ فرمايائون: اِزهَدْ فِي الدُّنيا يُحِبُّڪَ اللهُ دُنيا کان بي رغبتي اختيار ڪيو! الله پاڪ توسان محبت فرمائيندو۔([1])

مُفَسِّرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انسان اَشرَفُ المَخلُوقَات آهي، سڀ ڪجھ ان جي لاءِ پيدا ڪيو ويو، الله پاڪ فرمائي ٿو:

هُوَ الَّذِیْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًاۗ- (پاره:1، سورۂ بقره:29)

ترجمو ڪنز الايمان: اهوئي آهي جنهن اوهان جي لاءِ پيدا ڪيو جيڪي ڪجھ زمين ۾ آهي.

معلوم ٿيو دُنيا جي هر شيء انسان جي فائدي جي لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي۔ هاڻي سُوال اهو آهي ته انسان به ڪنهن جي لاءِ بڻيو آهي يا نه؟ ان جو جواب هن


 

 



[1]...ابنِ ماجہ، کتاب: زُہد، باب: زُہد فِی الدُّنیا، صفحہ:667، حدیث:4102۔