Data Huzoor Ki Nasihatain

Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

ڪار ڇڏي ڏيون، پنهنجي اولاد کي بي يارو مددگار ڇڏي هڪ ڪنڊ سنڀالي ويهي رهون۔ دِل مان دُنيا جي، غَيرُ الله جي محبت ڪڍڻ جو دُرُست مطلب اهو هوندو آهي ته: دُنيا ۾ رهڻو آهي پر دُنيا کي دِل ۾ اچڻ ناهي ڏيڻو. ڏسو: داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايائون: مَنْ نَظَرَ جنهن نِگاھ ڪئي، جنهن نَظر ڪئي۔ اها اَصل نڪتي جي ڳالھ آهي. مطلب اهو آهي ته پنهنجي تَوَجُّھ جو مرڪز الله پاڪ جي رِضا کي بنائڻو آهي. اسان جيڪڏهن قرآنِ ڪريم کي پڙھون، سمجھون ته قرآنِ ڪريم ۾ جتي دُنيا کان بي رغبتي جي ترغيب آهي يا دُنيا سان محبت جي مَذَمَّت جو بيان آهي، اهڙن ڪيئي هنڌن تي الله پاڪ لفظ اِيثَار ذِڪر ڪيو آهي۔ مثال طور سيپاري: 30، سوره نازعات، آيت: 38 ۾ سرڪشي ڪرڻ وارن جي باري ۾ فرمايو:

وَ اٰثَرَ الْحَیٰوةَ الدُّنْیَاۙ(۳۸)

ترجموڪنزالايمان: ۽ دنيا جي زندگي کي ترجيح ڏنائين.

هن آيت ۾ لفظ اٰثَرَ آيو آهي، اهو اِيثار مان نڪتو آهي ۽ اِيثار جي معني آهي: ترجيح ڏيڻ۔ يعني جيڪي دُنيا کي آخرت تي ترجيح ڏين ٿا، اهي جهنّم جا حقدار آهن، تنهنڪري لازِم آهي ته اسان دُنيا کي آخرت تي ترجيح نه ڏيون بلڪ آخرت کي دُنيا تي ترجيح ڏيون۔ هاڻي اها ترجيح ڪهڙي هوندي آهي؟ اهو سمجھڻ جي لاءِ 2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو! (1): هڪ حديثِ پاڪ ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: توهان مان اهو شخص بهتر نه آهي جيڪو آخرت جي لاءِ دُنيا کي ڇڏي ڏي، نه ئي اهو بهتر آهي جيڪو دُنيا جي لاءِ آخرت کي ڇڏي ڏي بلڪ توهان مان بهتر اهو آهي جيڪو ٻنهي