Data Huzoor Ki Nasihatain

Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

(يعني دُنيا کي به، آخرت کي به) اختيار ڪري۔([1]) (2):ارشاد فرمايائون: دُنيا جي لاءِ ايترو ڪمايو جيترو دُنيا ۾ رهڻو آهي ۽ آخرت جي لاءِ ايترو ڪمايو جيترو آخرت ۾ رهڻو آهي۔([2])

هنن ٻنهي حديثن مان اسان کي هڪ اُصُول ملي ويو، اهو هي ته دُنيا کي ڇڏڻو نه آهي بلڪ دُنيا جي لاءِ ايترو ڪمائڻو آهي جيترو دُنيا ۾ رهڻو آهي ۽ اسان کي دُنيا ۾ ڪيترو رهڻو آهي؟ اسان کي خبر ناهي، شايد هاڻي اڳيو ساھ کڻڻ به نصيب نه ٿئي. ۽ آخرت ۾ ڪيترو رهڻو آهي؟ هميشه رهڻو آهي، آخرت ۾ موت نه آهي، اتي هميشه جي زندگي آهي. بَس جيترو دُنيا ۾ رهڻو آهي، اوترو دُنيا جي لاءِ، جيترو آخرت ۾ رهڻو آهي، اوترو آخرت جي لاءِ. اها ئي ترجيح آهي۔

هاڻي انهيء ترجيح کي هڪ ٻي انداز سان سمجھو! کوڙ سارين حديثن ۾ محبت جي حوالي سان هڪ اُصُول بيان ٿيو آهي: اَلحُبُّ فِي الله وَ الْبُغْضُ فِي اللهِ محبت الله جي رضا جي لاءِ، نفرت الله جي رضا جي لاءِ۔ يعني اسان جنهن سان به محبت ڪيون، صِرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪيون، جنهن سان به نفرت ڪيون صِرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪيون۔

اهو به هڪ اُصُول آهي، اهو اُصُول اسان کي ٻڌائي ٿو ته دِل مان غَيرُ الله جي محبت ڪڍڻ جي لاءِ اسان کي ڪجھ به ناهي ڇڏڻو، صِرف پنهنجو رُخ بدلڻو آهي۔ اهو ڪيئن؟ هن طرح جو سڀ کان پهريان اسان پنهنجي زِندگي جي باري ۾ غور ڪيون. اسان جي زِندگي ۾ جيترا گُنَاهن ڀريا ڪم آهن، اُنهن کي يڪدم ڇڏي ڏيون ۽ فوراً توبه ڪيون۔ هاڻي اسان جي زِندگي ۾ ٻن طرح جا ڪم باقي بچندا: (1) نيڪ عمل (2) مُبَاح يعني اهي ڪم جيڪي نه گُنَاھ آهن، نه


 

 



[1]...ابنِ عساکر، جلد:12، صفحہ:293۔

[2]...تفسیر روح البیان، پارہ:23، سورۂ صاد، زیرِ آیت:29، جلد:8، صفحہ:29۔