Data Huzoor Ki Nasihatain

Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

وڪڻڻ ۽ خريدڻ ۾ آساني ڪري۔([1])

اي عاشقانِ رسول! ڪا به شيء خريدڻ مهل قيمت گھٽ ڪرائڻ سنّت آهي۔([2])
* اعلي حضرت، امام اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ريٽ (يعني Rate ۾ گھٽتائي) جي لاءِ حجّت (يعني بحث ۽ تڪرار) ڪرڻ بهتر آهي بلڪ سنّت آهي([3])* هڪ ڀيري حضرت سُوَيد بن قَيس رَضِى اللهُ عَنۡه ڪپڙو کڻي مڪي پاڪ آيا ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان مان ڪجھ ڪپڙا خريد ڪيا۔ حضرت سُوَيد بن قَيس فرمائن ٿا: رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان سان قيمت طَئي ڪئي، ڪجھ گھٽ ڪرايو، آخر اهو ڪپڙو خريدي ورتو۔([4]) * امام غزالي
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪمزور (مثال طور پوڙهي) يا فقير (يعني غريب ۽ محتاج) سان ڪو شيء خريدي ته ان تي آساني ڪندي ان کان مهانگي شيء خريدي، اهو نيڪي جو ڪم آهي۔([5]) * بعض خريدار ريٽ گھٽ ڪرائڻ جي لاءِ ۽ دُڪاندار ريٽ گھٽ نه ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن بلڪ ڪي ته ڪوڙا قسم به کڻندا آهن اهو گُنَاھ ۽ حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔

ڪاش! اسان خريد ۽ فروخت ۽ ٻين تمام معاملن ۾ شريعت جا پيروڪار ۽ سُنَّت جا آئيني دار بڻجي وڃون۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...مسند ابی یعلیٰ، جلد:5، صفحہ:195، حدیث:6824ملتقطاً۔

[2]...مرآۃ المناجیح، جلد:4، صفحہ:304بتغیر قلیل۔

[3]...فتاوی رضویہ، جلد:17، صفحہ:128۔

[4]...ابو داود، کتاب:البیوع، باب:الرجحان فی الوزن، صفحہ:536، حدیث:3336۔

[5]...اِحْیَاءُ الْعُلوم مترجم، جلد:2، صفحہ:313بتغیر قلیل۔