Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

تمام گھڻو ڪندا آهيو، ان جو ڇا سبب آهي؟ شاگرد جو اهو سُوال ٻڌي مُحَدِّث وَصِي احمد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ جوشِ عقيدت ۾ تڙپي فرمايائون: مان ۽ منهنجو خاندان الحمد لله! پهريان کان مسلمان آهيون پر جڏهن کان مان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملڻ لڳو آهيان، مون کي ايمان جي حَلَاوت ملي وئي آهي، بَس جن جي صدقي ايمان جي حَلَاوت نصيب ٿي آهي، ان جي ياد سان پنهنجي دِل کي سڪون ڏيندو رهان ٿو۔

سُبحٰنَ الله! مُحَدِّث وَصِي احمد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان عقيدت ڏسو ۽ سندن لفظن تي ٿورو غور ڪيو! وقت جو هڪ تمام وڏو عالِم، جن 40 سال عِلمِ حديث جي خِدمت ڪئي آهي، جن کي کوڙ ساريون حديثون زباني ياد آهن، هو اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي باري ۾ فرمائي رهيو آهي ته مون کي ايمان جي حلاوت (يعني مٺاس) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صحبت سبب نصيب ٿي آهي، لهٰذا مان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ذِڪر سان پنهنجي دِل کي سڪون ڏيندو آهيان۔

مُحَدِّث اعظم هند سيد محمد اشرفي ميان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: استادِ محترم مُحَدِّث وَصِي احمد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اهو ايمان افروز جواب ٻڌي مون عرض ڪيو: عالي جاه! ڇا اعليٰ حضرت عِلمِ حديث ۾ اوهان جي برابر آهن؟ مُحَدِّث وَصِي احمد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪدم فرمايائون: هر گز نه۔ پوءِ فرمايائون: شهزادا! اوهان ڪجهه سمجھيؤ ته هن هرگز نه جو ڇا مطلب آهي؟ ٻڌو! اعليٰ حضرت اَمِيرُ المُؤمِنِين فِي الحَدِيث آهن، جيڪڏهن مان ڪيئي سال تائين اعليٰ حضرت وٽان عِلمِ حديث سکندو رهان، سندن شاگردي اختيار ڪيان، تڏهن به مان سندن قدمن جي برابر نٿو پهچي سگھان۔([1])


 

 



[1]...ماہنامہ المیزان بمبئی، صفحہ:247۔