Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

مُسلِم، اَبُودَاؤد، تِرمَذِي، نِسَائِي، اِبنِ مَاجَه، هيئن 31 ڪتابن جا نالا ٻڌائڻ کان بعد فرمايائون: (اهي ۽ ان سميت) عِلمِ حديث جا 50 کان وڌيڪ ڪتاب منهنجي دَرس و تَدرِيس ۽ مُطَالعي ۾ رهن ٿا۔([1])

سُبحٰنَ الله! 50 کان وڌيڪ ڪتاب اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دَرس و تَدرِيس ۽ مُطَالعي ۾ رهن ٿا۔ بظاهر شايد مَحسُوس ٿي رهيو هجي ته ”صِرف 50 ڪتاب...!“ جيڪر هنن ڪتابن بابت تفصيل ۾ وڃون ته اهي ”صِرف“ نه آهن، 50 ڪتابن جو مطلب آهي: هزارين صفحا ۽ لکين حديثون۔ انهن مان صِرف
* بُخَاري شريف جا صفحا: 1 هزار 823 آهن ۽ ان ۾ حديثون: 7 هزار 563 آهن * مسلم شريف جا صفحا 1 هزار 157 آهن، هن ۾ حديثون 3 هزار 33 آهن * ابوداؤد جا صفحا 820، ۽ حديثون 5 هزار 273 آهن * ترمذي جا صفحا 884 ۽ حديثن جو تعداد:3 هزار 958 * نسائي جا صفحا 905، حديثن جو تعداد 5 هزار 769 * ابنِ ماجه: صفحا: 705، حديثن جو تعداد: 4 هزار 341۔

اهڙي طرح انهن 50 ڪتابن مان صِرف 20 ڪتابن جا جلد، انهن جا صفحا ۽ انهن ۾ ذِڪر ڪيل حديثن جو تعداد ڏٺو ويو ته اهو ٽوٽل: 49 جلد بڻيا، انهن جا ٽوٽل صفحا: 29 هزار 903 هئا ۽ انهن ۾ ڪل حديثون 1 لک 34 هزار 811 آهن۔

اهو اڃا حديثِ پاڪ جي صرف 20 ڪتابن جو تفصيل آهي ۽ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مطالعي ۾ ڪيترا ڪتاب رهن ٿا؟ 50 کان وڌيڪ ڪتاب۔ جيڪر هنن سڀني ڪتابن جي تفصيل تي نگاھ وڌي وڃي ته اندازو ڪيو! اهي ڪيترا هزار صفحا ٿيندا، ڪيترا لک حديثون هونديون جيڪي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دَرس و تَدرِيس ۾ شامِل هيون۔

پوءِ هتي اهو مدني گل به ذهن ۾ رکڻ لائق آهي ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيئن ته هڪ سُوال جو جواب ڏئي رهيا هئا، ان ڪري مختصر طور فرمايائون:


 

 



[1]...اظہارالحق الجلی، صفحہ:40۔