Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

50 کان وڌيڪ ڪتاب۔ ان وڌيڪ مان ڇا مراد آهي؟ 55 ڪتاب، 60 ڪتاب، 70 ڪتاب، 50 کان وڌيڪ ڪيترا ڪتاب؟ هن باري ۾ تحقيق ڪئي وئي، بعض عاشقانِ اعليٰ حضرت عالم سڳورن 8 سال محنت ڪئي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا لکيل 350 ڪتاب گڏ ڪيا، انهن کي پڙهيو، انهن 350 ڪتابن ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيتريون حديثون نقل ڪيون آهن انهن حديثن کي جدا ڪيو ويو ته اهي ڪل 10 هزار حديثون هيون، پوءِ انهن حديثن کي حديثِ پاڪ جي اَصل ڪتابن ۾ ڳوليو ويو ته خبر پئي ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن 350 ڪتابن ۾ جيڪي حديثون بيان ڪيون آهن اهي حديثِ پاڪ جي 400 ڪتابن مان ورتيون ويون آهن يعني هن تحقيق مان معلوم ٿيو ته حديثِ پاڪ جا 400 ڪتاب اهي آهن جيڪي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نظر ۾ رهندا هئا، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن کي ڏسندا هئا، انهن مان حديثون پڙهندا هئا، ۽ تحرير لکڻ دوران نقل ڪندا هئا۔

پوءِ اهو به خيال رهي ته اها تحقيق جيڪا ڪئي وئي آهي، اها اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صِرف 350 ڪتابن تي ڪئي وئي آهي جڏهن ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا لکيل ڪتاب 1000 کان وڌيڪ آهن، جيڪڏهن انهن سمورن ڪتابن مان حديثون گڏ ڪيون وڃن ته اندازو لڳايو ته حديث پاڪ جو ڪيترو وڏو ذخيرو گڏ ٿي ويندو۔

اهو آهي سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو حديثِ پاڪ سان لڳاؤ، حديثون پڙهڻ جو شوق و ذوق۔ پوءِ ان سان گڏوگڏ ڪمال ڏسو! عِلمِ حديث هڪ عِلم آهي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه صِرف عِلمِ حديث جا ماهر نه آهن بلڪه 100 کان وڌيڪ عُلُوم ۾ پاڻ ڪامل مهارت رکندا هئا يعني اهو ايترو مطالعو صِرف هڪ عِلم جي حوالي سان آهي ته سؤ کان وڌيڪ عُلُوم ۾ هر عِلم جي حوالي سان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيترو مطالعو ڪندا هوندا؟ ڪيترا ڪتاب پڙهندا هوندا؟