Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

سجدو ڪرڻ) جائِز آهي يا نه؟ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قرآني آيتن ۽ 40 حديثن جي روشني ۾ ثابت ڪيو ته غيرِ خُدا جي تعظيم جي لاءِ سجدو ڪرڻ اڳوڻين شريعتن ۾ جائز هو، اسان جي شريعت ۾ حرام آهي * اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان سُوال ٿيو: ماڻهو چوَن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي دَافِعُ البَلَا (يعني مصيبت پري ڪندڙ) چوڻ شِرڪ آهي؟ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي جواب ۾ 300 حديثون ذِڪر ڪري ٻڌايو ته الحمد لله! اسان جا آقا، الله پاڪ جي عطا سان دافِعِ رنج و بلا آهن * اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ سُوال ٿيو: ڪي ماڻهو چوندا آهن: رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪر سمورن نبين کان افضل آهن ته هن بابت قرآن و حديث مان دليل ڏيکاريو؟ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان سُوال جو ايمان افروز جواب لکي 100 حديثن مان ثابت ڪيائون ته الله پاڪ جي فضل سان اسان جا آقا، سمورن نبين جا سردار آهن۔

ملائڪن جي پيدائش ڪيئن ٿيندي آهي؟ هن موضوع تي گفتگو ڪندي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 24 حديثون بيان ڪيون، اسان جا آقا و موليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندا، هن موضوع تي گفتگو ڪندي 40 حديثون بيان ڪيون، ڏاڙھي جي ضرورت ۽ اهميت تي 56 حديثون، والدين جي حُقُوق بابت 91 حديثون، اهڙي طرح ٻين ڪيئي موضوعن تي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سوين حديثون بيان ڪيون آهن، انهن حديثن مان مسئلا بيان ڪيا آهن، انهن حديثن جي معني بيان ڪئي، رڳو اهو نه ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه صِرف حديث بيان ڪن ٿا، بلڪه پاڻ جڏهن به حديثِ پاڪ نقل ڪن ٿا، ان حديثِ پاڪ جو حوالو به لکن ٿا، جڏهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪتابن مان حديثون گڏ ڪيون ويون ته خبر پئي ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 350 ڪتابن ۾ تقريبًا 10 هزار حديثون نقل ڪيون آهن۔([1])


 

 



[1]...فیضانِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:485تا487، ملتقطاً۔