Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

حرمِ پاڪ ۾ حاضِر ٿيا، مَسجِدُ الحرام شريف تائين پهچندي پهچندي برسات شروع ٿي چڪي هئي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي حديثِ پاڪ ياد آئي ته ”جيڪو برسات ۾ طواف ڪري، اهو رحمتِ اِلٰهي ۾ ترندو آهي۔“

بَس پنهنجي آقا و موليٰ، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو مبارڪ فرمان ياد آيو ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دِل خوش ٿي وئي، حديثِ پاڪ ۾ بيان ڪيل فضيلت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪدم حجرِ اَسود وٽ حاضِر ٿي حجرِ اَسوَد کي چمي ڏنائون ۽ برسات ئي ۾ طواف ڪرڻ شروع ڪري ڏنو۔

الله اَڪبَر! تصور ڪيو! برسات ٿي رهي آهي، وقت جا امام، سچا عاشقِ رسول، الله پاڪ جي محبت سان سر شار دل کڻي، وڏي شوق و ذوق سان خانه ڪعبه شريف جي چوڌاري چڪر لڳائي رهيا هجن...! سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه طواف جا 7 چڪر پُورا ڪيا ۽ رهائش گاھ تي موٽي آيا۔

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي طبيعت ته پهريان کان ئي ناساز هئي، بُخَار مان آرام آيو ئي هو جو پاڻ حديثِ پاڪ تي عمل ڪرڻ جي لاءِ برسات ۾ طواف ڪري ورتو، ان ڪري وري بُخَار ٿي پيو۔ مڪه مڪرمه جا جيڪي عاشقانِ رسول عالم هئا، اهي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گھڻي عقيدت رکندا هئا، جڏهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ٻيهر بُخَار ٿيو ته انهن کي صدمو ٿيو، هڪ عاشقِ رسول عالِمِ دين ڏُک وچان چيائين: هڪ ضعيف حديث تي عمل جي لاءِ اوهان پنهنجي بدن جي اها بي احتياطي ڪئي؟

حديثِ ضعيف مُحَدِّث سڳورن جي هڪ اِصطلاح آهي، ضعيف حديث به فرمانِ مصطفيٰ ئي آهي پر ان کي روايت ڪرڻ وارن راوين ۾ ڪجھ شرطن جي ڪمي هوندي آهي۔ خير! اُن عالِم صاحب چيائين ته برسات ۾ طواف جي فضيلت واري حديث ضعيف آهي ۽ اوهان ان ضعيف حديث تي عمل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي طبيعت جو خيال نه ڪيو؟ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪو جواب ارشاد