Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

شيء لهي اک ۾ اچي وئي آهي۔

بعد ۾ هڪ ماهر ڊاڪٽر کي اک ڏيکاريائون، ڊاڪٽر صاحب غور سان مُعَائنو (Inspection) ڪري چيائين: ڪثرت سان ڪتاب ڏسڻ جي ڪري خشڪي اچي وئي آهي، 15 ڏينهن تائين ڪتاب نه پڙھو۔ هاڻي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهڙي شخصيت، سڄي دُنيا مان مسلمان دِيني مسئلن جو حل پڇندا هئا، فتوائون پڇندا هئا، ڊاڪٽر صاحب 15 ڏينهن ڪتاب نه پڙهڻ جو چئي رهيو آهي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ته 15 منٽ به ڪتاب نه ڇڏي سگھندا هئا، خير! هڪ حڪيم صاحب مُعَائنو ڪيائين، ان چيو: نُزُولِ آب (يعني پاڻي لهڻ) جا آثار آهن، الله نه ڪري 20 سال بعد پاڻي اچي ويندو (يعني موتيا جي مرض جي ڪري نظر هلي ويندي)۔

بظاهر اها سخت پريشاني جي ڳالھ هئي، ڪتاب ڇڏڻ مشڪل هو، تحريري ڪم ڪرڻو ئي ڪرڻو هو نه ته اُمَّت جي دِيني رهنمائي ڪير ڪندو؟ ۽ جيڪڏهن خدانخواسته نظر ۾ مسئلو ٿي ويو ته اها به وڏي تڪليف آهي۔

الله اَڪبَر! مشڪل وقت هڪ سچي عاشِقِ رسول جي توجھ ڪنهن ڏانهن ٿيندي آهي؟ سُبحٰنَ الله! دُنيا ۾ هڪ ئي ته دامنِ رحمت آهي جتي غُلام پناھ وٺندا آهن:

میں بیکس ہوں میں بے بس ہوں مگر کس کا تمہارا ہوں           تَہِ دامن مجھے لے لو پناہِ بے کساں تم ہو([1])

عاشقن جي امام اعليٰ حضرت امام اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به دامنِ مصطفيٰ ۾ پناھ ورتي، هڪ حديثِ پاڪ ذِهن ۾ آئي ته جيڪو ٻانهو مصيبت زده کي ڏسي هي دُعا پڙھي:

اَلْحَمْدُ للہِ الَّذِیْ عَافَانِیْ مِمَّا ابْتَلَاکَ بِہٖ وَ فَضَّلَنِیْ عَلٰی کَثِیْرٍ مِّمَّنْ خَلَقَ تَفْضِیْلاً


 

 



[1]...سامانِ بخشش، صفحہ:159۔