Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

پڙهڻ وارو ان مصيبت کان محفوظ رهندو، اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه موتيا جي بيماري واري هڪ شخص کي ڏسي اها دُعا پڙھي ورتي ۽ دِل سان مطمئن ٿي ويا۔

ان واقعي کي 16 سال گذري ويا، 16 سال بعد هڪ ماهر ڊاڪٽر جي سامهون ان ڳالھ جو ذِڪر ٿيو، ان به اک جو مُعَائنو (Inspection) ڪيو ۽ پُوري اعتماد سان چيو: 4 سال بعد واقعي اک ۾ پاڻي لهي ايندو۔ پر قربان وڃجي! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي منهنجي محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ارشاد تي ايترو ڪچو اعتماد ناهي جو طبيبن (ڊاڪٽرن) جي چوڻ سان معاذ الله منهنجو يقين ڪمزور ٿي پوي۔ الحمد لله! 20 سال ته ڇا هاڻي 30 سال کان به وڌيڪ عرصو گذري چُڪو آهي، نه مون ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪڏهن ڪمي ڪئي، نه اک ۾ ڪا تڪليف ٿي۔([1])

اپنے دِل کا ہے اُنہی سے آرام، سونپے ہیں اپنے انہی کو سب کام

لو لگی ہے کہ اب اُس دَر کے غُلام چارۂ دَرْدِ رضا کرتے ہیں

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو پنهنجي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن تي ڪيترو پختو يقين هو۔ الله پاڪ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صدقي اسان کي به پختو يقين نصيب فرمائي۔ آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔


 

 



[1]...ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:70تا71، خلاصۃً۔