Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايائون: پهريان هڪ سال جا روزا رکو۔

الله! الله! اندازو لڳايو! حضرت ابوالعباس مُستَغفِرِيرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجو گھر ٻار ڇڏي، سَفَر ڪيو، اڄ جي دَور ۾ به سَفَر مشڪلاتن سان ڀرپور هوندو آهي، ان وقت ته ڪارون، جهاز وغيره به نه هوندا هئا، مشڪلاتن جي باوُجُود پاڻ مِصر پهتا، ڇو؟ صِرف هڪ حديثِ پاڪ ٻڌڻ لاءِ۔ پوءِ جڏهن اتي جي مُحَدِّث صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيا، حديثِ پاڪ ٻڌائڻ جي درخواست پيش ڪئي ته انهن سڄي سال جا روزا رکڻ جو حڪم ڏنو، هاڻي ان بهانا نه ڪيا، دِل ۾ خدشات نه آندا ته مان ايتري پري کان آيو آهيان، گھر به وڃڻو آهي، ڪم ڪار به ڪرڻو آهي وغيره وغيره، ان ڪو بهانو نه ڪيو بلڪه صِرف هڪ حديثِ پاڪ ٻڌڻ جي لاءِ پاڻ سڄي سال جا روزا رکيا، پوءِ حاضِرِ خِدمت ٿيا، تڏهن حضرت ابو حامِد مصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن انهن کي اها حديثِ پاڪ ٻڌائي۔([1])

 اي عاشقانِ رسول! اسان کي به گھرجي ته اسان به حديث پڙھون، حديث ٻڌون، حديث سکون، انهن کي ياد ڪيون، حديث کي سمجھون ۽ ڪوشش ڪري ٻين تائين پهچائڻ جي به سَعَادَت حاصِل ڪيون پر ها! ياد رهي! حديثِ پاڪ کي دُرُست سمجھڻ ۽ ان مان مَسئلا ڪڍڻ ماهر ترين عالمن جو ڪم آهي، اسان کي بَس عاشقانِ رسول عالمن جي پويان پويان هلڻو آهي۔ اڄڪلھ بعض نادان پنهنجي ناقِص عقل سان قرآني آيتن ۽ حديثن جون وضاحتون ڪندا رهن ٿا، اها سخت نقصان ڏيندڙ ڳالھ آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَنْ یَّقُلْ عَلَیَّ مَا لَمْ اَقُلْ فَلْیَتَبَوَّءْ مَقْعَدَہٗ مِنَ النَّار جنهن منهنجي طرف اها ڳالھ منسوب ڪئي جيڪا مون نه چئي هجي، اهو پنهنجو ٺڪاڻو جهنّم ۾ بڻائي وٺي۔([2])


 

 



[1]...جامع الاحادیث، جلد:19، صفحہ:405، حدیث:14922، ملتقطاً۔

[2]...بخاری، کتابُ العلم، صفحہ:102، حدیث:109۔