Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

هن آيت سڳوري جي مفهوم کي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هيئن بيان ڪيو آهي:

وہ دہن جس کی ہر بات وحئ خُدا                     چشمۂ عِلْم و حکمت پہ لاکھوں سلام([1])

وضاحت: يعني اهو پاڪيزه ۽ مبارڪ وات جنهن مان نڪرڻ واري هر ڳالھ وَحي هوندي آهي، عِلم و حڪمت جي ان چشمي تي لکين سلام هجن۔

* عاشقانِ رسول عالم سڳورا عِلمِ حديث سکڻ ۾ هڪ عشق جي پهلو وارو لحاظ به رکن ٿا، اهو هي ته حديثِ پاڪ اسان جي محبوب آقا، سرورِ انبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زبان مان نڪرندڙ الفاظ آهن، هي اهي لفظ آهن جن ۾ مصطفيٰ جي مبارڪ وات جي مهڪ آهي، هي اهي لفظ آهن جن ۾ زبانِ مصطفيٰ جي چاشني رچيل آهي، هي اهي لفظ آهن جيڪي اسان کي جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اندازِ گفتگو جي ياد ڏيارين ٿا۔

لهٰذا عاشقانِ رسول عالم سڳورا پنهنجي سيني کي يادِ مصطفيٰ سان آباد ڪرڻ جي لاءِ، عِشقِ رسول ۾ اضافي جي لاءِ شوق و ذوق سان عِلمِ حديث سکن به ٿا ۽ ان کي اڳتي پکيڙين به ٿا۔

هن حوالي سان جڏهن اسان اعليٰ حضرت امام اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شخصيت کي ڏسون ٿا ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماهر تَرِين مفتي به آهن، بي مثال عالِمِ دين به آهن ۽ پاڻ صِرف عاشِقِ رسول نه بلڪه عاشِقَانِ رسول جا امام آهن، ان ڪري اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اعليٰ حضرت هئڻ ئي هن ڳالھ جي تقاضا ڪري ٿو ته کين عِلمِ حديث ۾ ڪمال مهارت رکڻ وارا هجن۔ ان ڪري جڏهن اسان سيرتِ اعليٰ حضرت پڙھون ٿا ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه واقعي حديث جا وڏا ماهر عالم نظر اچن ٿا۔

عِلْم کا چَشمہ ہوا ہے مَوجزن تحریر میں          جب قلم تُو نے اٹھایا اے امام احمد رضا


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:302۔