Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ بَحر ۽ بَر جا بادشاهه بڻجي جلوه گر نه ٿيا هجن ها ته نه ڪا عيد عيد هجي ها، نه ڪا رات شب براءَت، بلڪ ڪائنات جي سڄي رونق ۽ شان ان جانِ جهان، رحمت عالميان، سياحِ لامڪان، محبوب رحمٰن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي قدمن جي مٽي جو صدقو آهي.

وہ جو نہ تھے تو کچھ نہ تھا وہ جو نہ ہوں تو کچھ نہ ہو

جان ہیں وہ جَہان کی جان ہے تو جہان ہے

(حدائق بخشش ص۱۷۸)

 

* سرڪار جي آمد …مرحبا * سردار جي آمد …مرحبا * آمنه جي گل جي آمد …مرحبا * رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا * محبوب جي آمد … مرحبا * پياري جي آمد …مرحبا * سچي جي آمد …مرحبا * سهڻي جي آمد … مرحبا * محبوب جي آمد …مرحبا * مُختار جي آمد …مرحبا

مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادت جو ڏينهن سڀني ڏينهن کان اَفضل ترين ڏينهن آهي۔ تنهنڪري اسان کي به کپي ته شريعت جي دائري ۾ رهندي خُصوصي اهتمام سان خُوشي خُوشي ان ڏينهن کي ملهايون، اجتماعِ ميلاد مُنعقد ڪيون، هٿن ۾ مدني پرچم کڻي، جلوسِ ميلاد ۾ وڃون، ان ڏينهن خُوب صدقو ۽ خيرات جي عادت بڻايون،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ان جون خوب خوب برڪتون ملنديون۔ جيئن ته

حضرت سَيّدنا امام عبد ُالرّحمن ابنِ جوزي رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: جشنِ ولادت تي فرحت ۽ خوشي ڪرڻ واري جي لاءِ اها خوشي، جهنَّم کان رُڪاوٽ