Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

بڻجندي۔ اي اُمَّتِ محبوب! توهان جي لاءِ خوشخبري آهي توهان دنيا ۽ آخرت ۾ خيرِ ڪثير جا حقدار ٿيندا۔ حضرت سيدنا احمدِ مجتبيٰ، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو جشنِ ولادت ملهائڻ واري کي برڪت، عزت، ڀلائي ۽ فخر ملندو، موتين وارو عمامو ۽ سبز حُلَّو پائي اهو جنت ۾ داخل ٿيندو، بي شُمار مَحلَ ان کي عطا ڪيا ويندا ۽ هر محل ۾ حُور هوندي۔ نبي خيرُ الاَنام صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي خوب دُرُود پڙھو، جشنِ ولادت ملهائي ان کي خُوب عام ڪيو وڃي۔ (مجموع لطيف النبي في صيغ المولد النبوي القدسي،مولد العروس،ص۲۸۱،ملتقطاً)

حافظُ الحديث امام ابُو الخير محمد بن عبدالرَّحمٰن سَخاوي رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: جشنِ ولادت ملهائڻ واري کي ان عمل جي برڪتن سان عظيم فضل ظاهر ٿئي ٿو۔ (سبل الھدي و الرشاد ،الباب الثالث عشر في اقوال العلماء۔۔۔الخ، ۱/۳۶۲) حضرت سيدُنا امام احمد بن محمد قسطلاني رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: ”وِلادَتِ باسعادت جي ڏينهن ۾ مَحفلِ ميلاد ڪرڻ جي خاصيتن (فوائد) مان اهو اَمر مُجرَّب (يعني تَجرِبي شُده) آهي جو ان سال اَمن ۽ اَمان رهندو آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ ان شخص تي رَحمت نازِل فرمائي جنهن وِلادَت واري مهيني جي راتين کي عيد بڻايو۔“

(مواھِبُ اللدُنيۃ،المقصد الاول،ذڪررضاعه،۱/۷۸)

عِیدِ مِیلادُ النّبی تو عِید کی بھی عِید ہے

بالیقیں ہے عِیدِ عِیداں عیدِ مِیلادُ النّبی

   صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! جشنِ ولادت ملهائڻ جا مختلف طريقا اپنائڻ سان گڏوگڏ ٿي سگھي ته 12 ربيعُ الاول ۽ بالخصوص هر سومر شريف تي روزو رکڻ جي ڪوشش ڪيو، ڇو ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر سومر شريف تي روزو رکي پنهنجو يومِ وِلادت به ملهايو آهي، جيئن ته