Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

حضرتِ سَيدُنا ابُوسعيد رَضِى اللّٰه عَنْه کان روايت آهي ته حضرتِ سَيدُنا مُعاوِيه رَضِى اللّٰه عَنْه جن فرمايو: هڪ ڀيري سرڪارِ والا تبار، شهنشاه ابرار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابَه ڪرام عَلَيهِمُ الّرِضوَان جي هڪ حلقي وٽ تشريف کڻي آيا ۽ پڇيائون: توهان کي هتي ڪهڙي شيء ويهاريو آهي؟ صحابَهء ڪرام عَلَيهِمُ الّرِضوَان عرض ڪيو اسان الله عَزَّوَجَلَّ جو ذِڪر ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون، ان جو شڪر ادا ڪري رهيا آهيون جو ان اسان کي اسلام جي هدايت سان نوازيو ۽ اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذريعي اسان تي وڏو احسان فرمايو، ته سندن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! ڇا توهان کي صرف ان شيء اتي ويهاريو آهي؟ عرض ڪيائون: الله عَزَّ وَجَلَّ جو قسم! اسان کي ان کان سواءَ ڪنهن ٻي شيءِ ناهي ويهاريو، ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مون وٽ جبرائيل عَلَيه السَّلام آيو ۽ انهن مون کي ٻڌايو ته الله عَزَّوَجَلَّ توهان جي ڪري ملائڪن تي فخر ڪري رهيو آهي۔ (نسائي،ص۸۶۱، حديث : ۵۴۳۶)

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديث شريف کان پوءِ مفسرِ قرآن، مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: معلوم ٿيو ته اسلام ۽ حضورِ انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري جي شڪريي جي لاءِ مجلسون ڪرڻ، حلقو بڻائي ويهڻ سُنَّتِ صحابه آهي، اها حديث مجلسِ ميلاد شريف جي اصل آهي۔ (مراٰۃ، ۳/۳۲۱) ياد رهي ته اهلسنَّت جي مذهب ۾ مجلسِ ميلادِ پاڪ افضل ترين مُستحبات ۽ اعليٰ ترين مُستَحسَنات (نيڪ ڪمن) مان آهي۔ (الحق المبين ۱۰۰)

صَدرُ الشَّريعَه، بَدرُ الطَّريقَه حضرت عَلّامه مولانا مُفتي محمد اَمجَد علي اَعظمي رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: مِيلاد شَرِيف يعني حُضُورِ اَقدَس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادَتِ اَقدَس جو بَيان جائز آهي۔ ان ضِمن ۾ ان مَجلِس پاڪ ۾ حُضُور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا فَضَائِل ۽ مُعجزا، خَصلتون ۽ حالات، حَيات ۽  رَضاعَت ۽ بِعثَت جا واقِعا به بَيان ٿيندا آهن، انهن شين جو ذِڪر حديثن ۾ به آهي ۽ قُرآن مجيد ۾ به۔ جيڪڏهن مُسلمان پنهنجي مَحفِلن ۾ بَيان ڪن بلڪ خاص انهن ڳالهين