Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

کي بيان ڪرڻ جي لاءِ مَحفِل مُنعَقِد ڪن ته ان جي ناجائز هئڻ جو ڪو سبب ناهي۔ ان مَجلِس جي لاءِ ماڻهن کي سڏڻ ۽ شَريڪ ڪرڻ خَير جي طَرف سڏڻ آهي، جهڙي طرح وَعظ ۽ جَلسن جا اِعلان ڪيا ويندا آهن، اِشتِهار ڇپائي ورهايا ويندا آهن، اَخبَارن ۾ ان جي باري ۾ مضمون شائِع ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي ڪري اهي وَعظ ۽ جَلسا ناجائز نٿا ٿين، اهڙي طَرح ذِڪرِ پاڪ جي لاءِ دعوت ڏيڻ سان ان مَجلِس کي ناجائز ۽ بِدعَت نٿو چئجي سگھي۔        (بهار شريعت جلد سوم ص۶۴۴۔ ۶۴۵)

ربیعِ پاک تجھ پر اہلسنّت کیوں نہ قرباں ہوں

کہ   تیری   بارھویں  تاریخ   وہ   جانِ   قمر   آیا

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

اي عاشقانِ رسول! مَعلُوم ٿيو ته اجتماعِ مِيلاد ۾ نور واري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادَتِ پاڪ، رَضاعَتِ مُبارَڪه ۽ ننڍپڻ شريف جا واقِعا بيان ڪرڻ، ان جي لاءِ محفلِ نعت مُنعَقِد ڪرڻ، ان ۾ ٿيڻ وارن بَيانن جي لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، وِلادَتِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خُوشي ۾ ماڻهن کي کاڌو کارائڻ جائز آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه مسلمان ان مبارڪ مهيني ۾ جَشنِ وِلادت جي خُوشي ملهائن ٿا، مسجِدن، گھرن، دُڪانن ۽ سُوارين تي ۽ پنهنجي پاڙي ۾ به مدني پرچم لڳائيندا آهن، خُوب چَراغان ڪن ٿا۔ ربيعُ الاوّل شريف جي ٻارهين رات حُصُولِ ثواب جي نيت سان اجتِماعِ ذِڪر و نعت ۾ شرڪت ڪن ٿا، صُبحِ صادِق جي وَقت مدني پرچم کڻي دُرُود و سلام پڙھندي اَشڪبار اکين سان صُبحِ بهاران جو اِستِقبال ڪندا آهن، 12 ربيعُ الاول شريف جي ڏينهن روزو رکي جُلوسِ ميلاد ۾ شريڪ ٿين ٿا۔ ميلاد شريف ملهائڻ وارن اهڙن عاشقانِ رسول کان ته پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خُوش ٿين ٿا، جيئن ته