Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته مسلمان چاهي مڪي شريف جا هجن يا مديني پاڪ يا ڪنهن ٻي ملڪ کان تعلُّق رکندا هجن، انهن جي دل ۾ ايمان جي علامت يعني پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت هوندي آهي ۽ اهي مدني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت جي اظهار جي لاءِ اجتماعِ ميلاد، محفلِ نعت منعقد ڪندا رهندا آهن ۽ آئنده به ڪندا رهندا۔ پر اسان کي اجتماعِ ميلاد جي آداب کي به ملحوظ رکڻ گھرجي، جڏهن به اجتماعِ ميلاد ۾ شرڪت جي سعادت نصيب ٿئي ته پهريان چڱي طرح غسل ڪري وٺو، صاف سٿرو لباس پايو ۽ ٿي سگھي ته سٺي خوشبو به لڳائي وٺو، پوءِ اجتماع گاھ ۾ پهچي جتي جڳھ ملي اتي ويهي نگاهون جھڪائي، خاموشي سان نهايت ادب واحترام سان ٻڌو ۽ اجتماعِ ميلاد جي اختتام تي سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذِڪر جي تعظيم جي نيت سان بيهي ڪري صلوٰة وسلام به پڙھو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ان جون تمام گھڻيون برڪتون نصيب ٿينديون۔

عالمِ حجاز حضرت شيخ سيد علوي بن عباس مالڪي مڪيرَحْمَةُ الله عَلَيه پنهنجي والدِ محترم حضرت سيد عباس مالڪي رَحْمَةُ الله عَلَيه کان هڪ اهڙي شخص جو واقعو نقل ڪن ٿا جيڪو سڄي محفلِ ميلاد بيهي ٻڌندو هو، سندن والد فرمائن ٿا: آئون بيتُ المقدس ۾ ٻارهين شريف جي رات محفلِ ميلاد ۾ شريڪ هئس، مون ڏٺو ته هڪ پوڙهو شخص آغاز کان وٺي اختتام تائين انتهائي ادب ۽ احترام سان بيهي محفلِ ميلاد ۾ شريڪ هو، جڏهن ڪنهن سڄي محفل بيهي ٻڌڻ جو سبب پڇا ڪيو ته ان ٻڌايو ته آئون نبي ڪريم ،روف  رحيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪرِ خير ٻڌڻ وقت تعظيماً بيهڻ کي سٺو نه سمجھندو هئس۔ هڪ ڏينهن خواب ۾ ڏٺو ته هو هڪ تمام وڏي اجتماع ۾ شريڪ آهي ۽ ماڻهو نبي ڪريم ،روٌف رَّحيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ بيٺا آهن، جڏهن نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد ٿي ته تمام ماڻهن اِنتهائي ادب ۽ اِحتِرام سان حُضُور جو استقبال ڪيو، پر هو سندن تعظيم ۾