Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

اجتماعي اعتڪاف ۾ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملي، سندن اثرائتي گفتگو سان مان ايتري قدر متاثر ٿيس جو مون هڪدم پنهنجي اڳوڻن سمورن گناهن کان توبه ڪئي ۽ نمازن جي پابندي جو پڪو ارادو ڪيو،  امير اهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي ترغيب ڏيارڻ تي چنڊ رات جو گھر وڃڻ بدران راھِ خُدا جو مسافر بڻجي ويس جتي عِلمِ دين جي سنهري موتين سان دامن ڀرڻ جو موقعو مليو ۽ سنتون سکڻ سان گڏوگڏ ان تي عمل ڪرڻ جو جذبو به دِل ۾ پيدا ٿي ويو۔

مدنی مذاکرہ ہے شریعت کا خزینہ                                                                                                                اَخْلاق کا، تہذیب کا، طریقت کا خزینہ

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

اي عاشقانِ ميلاد! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه اڄ اسان مِيلاد شريف ملهائڻ وارن جي حوالي سان مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔

* جشنِ وِلادت ملهائڻ جي بَرَڪت سان خوش نصيب، ابراهيم نالي شخص جي نوجوان پٽ کي خواب ۾ جنّت جي اندر پنهنجي مرحوم پيءُ جو قُرب نصيب ٿيندو۔

* شبِ وِلادت، شبِ قدر کان به افضل آهي۔

* حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري جي شڪريي جي لاءِ ذڪرِ ميلاد ڪرڻ، حلقو بڻائي ويهڻ سُنَّتِ صحابه آهي۔

* جشنِ مِيلاد مُصطفي جون خوشيون ملهائڻ واري سان سرڪارِ دو عالَم، نورِ مجسم، شاھ آدم وبني آدم، رسولِ مُحتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمخوش ٿيندا آهن۔