Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

آهن جيڪي نه صرف هڪ قوم يا ملڪ جي لاءِ ئي نه بلڪ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام عالمين جي لاءِ رحمت آهن جيئن ته سيپاري 17 سُورَةُ الاَنبِياء آيت نمبر 107 ۾ ارشاد آهي:

وَ مَاۤ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ(۱۰۷)  (پ 17 الانبياء 107)                                                          

ترجموڪنزالايمان: ”۽ اسان تو کي نه موڪليو پر رحمت سموري جهان جي واسطي.“

رحمتِ الٰهي ملڻ تي خُوشي مَلهائڻ جو حڪم ته الله عَزَّوَجَلَّ خود ارشاد فرمايو آهي، جيئن سيپاري 11 سُوره يونُس جي آيت نمبر 58 ۾ اِرشاد آهي۔

قُلْ بِفَضْلِ اللّٰهِ وَ بِرَحْمَتِهٖ فَبِذٰلِكَ فَلْیَفْرَحُوْاؕ-هُوَ خَیْرٌ مِّمَّا یَجْمَعُوْنَ(۵۸)  (پ 11 يونس 58)                  

ترجمو ڪنزالايمان: ”تون فرماءِ الله جي فضل ۽ سندس رحمت تي جڳائي ته خوشي ڪن، اهو انهن جي سموري ڌن دولت کان بهتر آهي.

مفسّرِ قرآن، مُفتي اَحمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ الله عَلَيه هن آيت سڳوري تحت اِرشاد فرمائن ٿا: اي مَحبُوب! ماڻهن کي اِها خُوشخبري ڏئي ڪري اهو حڪم به ڏيو ته الله (عَزَّوَجَلَّ) جي فَضل ۽ ان جي رَحمَت مِلڻ تي خُوب خُوشيون ڪيو۔ عام خُوشي ته هر وَقت ڪيو ۽ خُصُوصي خُوشي اُنهن تاريخن ۾ جِن ۾ اِها نِعمَت آئي يعني رَمَضَان ۾، خُصُوصاً شَبِ قَدر ۽ رَبِيعُ الاَوَّل ۾ خُصُوصاً ٻارهين تاريخ جو رَمَضَان ۾ الله (عَزَّوَجَلَّ) جو فَضل "قُرآن" آيو ۽ رَبِيعُ الاَوَّل ۾ رَحمَةٌ لِّلعَالَمِين، يعني محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پيدا ٿيا۔ اهو فَضل ۽ رَحمَت يا اُن جي خُوشي ڪرڻ توهان جي دُنيوي جَمع ڪيل مالُ مَتاعَ، رُوپئي، مَڪان، جائيداد، جانور، ٻني ٻاري بلڪ اَولاد وغيره سڀ کان بهتر آهي جو ان خُوشي جو نَفعو شخصي ناهي بلڪ قومي آهي۔ وَقتي ناهي بلڪ دائِمي آهي۔ صرف