Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

دُنيا ۾ نه بلڪ دِين ۽ دُنيا ٻنهي ۾ آهي۔ جِسماني ناهي بلڪ دِلي ۽ رُوحاني آهي۔ برباد ناهي بلڪ ان تي ثَواب آهي۔ (تفسيرِ نعيمي ،ج۱۱،ص۳۶۹)

خُوشیاں مناؤ بھائیو! سرکار آگئے                         سرکار آگئے، شہِ ابرار آگئے

سب جُھوم جُھوم کر کہو سرکار آگئے                     دونوں جہاں کے مالک و مختار آگئے

خُوشیوں کے لمحے آگئے دِیوانے جُھوم اُٹھے            عیدوں کی عید آگئی سرکار آگئے

*سرڪار جي آمد…مرحبا*  سردار جي آمد…مرحبا * آمنه جي گُل جي آمد…مرحبا * رسولِ مقبول جي آمد…مرحبا * پياري جي آمد …مرحبا *محبوب جي آمد … مرحبا * سچي جي آمد …مرحبا * سهڻي جي آمد …مرحبا * محبوب جي آمد …مرحبا * مُختار جي آمد …مرحبا

مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

اي عاشقانِ ميلاد! ميلاد شريف ملهائڻ قرآني حڪم ۽ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خُوشنودي جو سبب آهي۔ هر سال رَبِيعُ الاَوَّل پنهنجي تمام تر عظمتن، رحمتن ۽ برڪتن سان جلوه گر ٿيندو آهي ۽ خوش نصيب عاشقانِ رسول پنهنجي پنهنجي اِستطاعت مُطابق پنهنجن گھرن، دُڪانن، گاڏين، گِهٽين محلّن ۽ شهرن کي مدني پرچمن ۽ رنگ برنگي لائٽن سان سجائي خُوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن۔ جشنِ ولادت ملهائڻ سان گڏوگڏ اسان کي اهو به معلوم هئڻ گھرجي ته سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن دُنيا ۾ ڪهڙي وَقت ۽ ڪهڙي ڏينهن تشريف فرما ٿيا ۽ ان ڏينهن تاريخ ڪهڙي هئي؟ اچو ان باري ۾ ٻڌون ٿا۔