Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

ترجمو: اولياءُ الله جي وچ ۾ غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ايئن آهن جيئن نبين جي وچ ۾ مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن۔

پيارا اسلامي ڀائرو! اها هُئي حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ولادتِ باسَعَادت جي وقت جي بشارت، پوءِ جڏهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 18 سالن جا ٿيا ته کين هڪ غيبي اشارو مليو

ڍَڳي (ڏاند) انساني زبان ۾ گفتگو ڪئي

 پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خُود فرمائن ٿا: حج جا ڏينهن هئا، هڪ ڀيري مون کي جنگل ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو، اُن وقت هڪ ڍڳو منهنجي اڳيان اڳيان هلي رهيو هو، اوچتو ان ڍَڳي مون ڏانهن ڏسي چيو: اي عبد القادر! مَالِہٰذَاخُلِقْتَ اوهان کي هن لاءِ ناهي پيدا ڪيو ويو۔ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڍَڳي کي ايئن (انساني زبان ۾) ڳالهيون ڪندي ٻڌي مان گھٻرائجي گھر موٽي آيس، پوءِ مان پنهنجي گھر جي ڇت تي ويس ته مون کي پنهنجي گھر جي ڇت (يعني جيلان شريف) مان عرفات جو ميدان نظر اچڻ لڳو، مون ميدانِ عرفات ۾ حاجين کي بيٺل ڏٺو۔

ان کان بعد مان پنهنجي امڙ سائڻ جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو، اوهان مون کي الله پاڪ جي راھ لاءِ وَقف ڪري ڇڏيو ۽ مون کي بغداد وڃڻ جي اجازت عطا ڪيو ته جيئن مان اتي وڃي عِلمِ دين حاصل ڪيان ۽ نيڪ ماڻهن جي زيارت ڪيان۔ امڙ سائڻ رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمايو: پٽ! مان توکي صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پاڻ کان جُدا ڪيان ٿي، هاڻي قيامت جي ڏينهن ئي توکي ڏسنديس۔([1])

اي عاشقانِ رسول! اها هُئي سيرتِ غوثِ پاڪ جي ٻي مرحلي جي ابتداء۔ امڙ سائڻ وٽان اجازت ملڻ کان بعد حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بغداد تشريف وٺي ويا ۽ 33 سالن تائين عِلمِ دين سکندا رهيا، مجاهدات ڪندا رهيا، جنگلن ۾ وڃي، تنهائي ۾ رهي الله پاڪ جي عِبَادت ڪندا رهيا۔ جڏهن سندن عمر مبارڪ


 

 



[1]...بهجة الاسرار، صفحہ:167۔