Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

51 سال ٿي ته پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي وري هڪ حڪم مليو ۽ سندن مبارڪ زِندگي جي ٽئين مرحلي جي ابتداء ٿي؛

سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون نوازشون ۽ عنايتون

حضور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مون کي ظهر جي نماز کان پهريان سجاڳي واري حالت ۾ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي منهنجا پٽ! توهان وعظ ۽ نصيحت (يعني دَرس ۽ بيان) ڇو نٿاڪيو؟ مون عرض ڪيو: حضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! مان هڪ عجمي شخص آهيان، بغداد جي عربي زبان جي ماهر ماڻهن اڳيان ڪيئن بيان ڪيان؟ سرڪارِ ذي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: وات کوليو! مون وَات کُوليو، پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ست ڀيرا منهنجي وات ۾ پنهنجو لعاب مبارڪ (يعني ٿُڪ شريف) وڌي ۽ فرمايائون: وڃو! هاڻي وعظ ڪندا ڪيو ۽  ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيو۔

حضور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: وري ظهر نماز کان بعد مون کي اسلام جي چوٿين خليفي امير المؤمنين حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنه جي زيارت نصيب ٿي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنه منهنجي وات ۾ ڇھ ڀيرا لعاب مبارڪ وجھي فرمايو: وعظ ۽ نصيحت ڪيو۔([1])

ان کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه باقاعِده درس ۽ بيان ۽ نيڪي جي دعوت ڏيڻ شروع فرمائي ۽ 40 سالن تائين مسلسل نيڪي جي دعوت کي عام ڪندا رهيا۔

جو ہیں وَقْف سُنّت کی خدمت کی خاطِر         انہیں حشر میں بخشوا غوثِ اعظم

جوروزانہ دیتے ہیں نیکی کی دعوت            انہیں حشر میں بخشوا غوثِ اعظم


 

 



[1]...بهجة الاسرار، صفحہ:58۔