Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

سفر قافلے میں جو کرتے ہیں ہر ماہ            انہیں حشر میں بخشوا غوثِ اعظم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

درس ۽  بيان بابت غوثِ پاڪ جو معمول

* حُضُور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هفتي ۾ 3 ڏينهن بيان ڪندا هئا * ابراهيم بن سعد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عالمن وارو لباس پائي ۽ مٿانهين جڳھ (مثال طور منبر وغيره تي) ويهي بيان ڪندا هئا * حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ابتداء ۾ مون وٽ ٻه يا ٽي ماڻهو ويهندا هئا، پوءِ آهسته آهسته ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿيڻ لڳو، ماڻهو پري پري کان گھوڙن، خچرن ۽ اُٺن وغيره تي سُوار ٿي بيان ٻڌڻ جي لاءِ ايندا هئا، ان وقت تقريباً 70 هزار جو اجتماع ٿيندو هو (بعد ۾ ان اجتماع جو تعداد مزيد وڌي ويو هو)۔ ([1])

* غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا شهزاده حضرت عبد الوهاب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي محفل ۾ وڏا وڏا عالم ۽ مَشَائِخ سڳورا حاضِر ٿيندا هئا * انهن ۾ 400 وڏا وڏا عالم ته اهي هئا جيڪي باقاعِده ڪاغذ، قلم کڻي سندن فرمان ۽ ارشاد لکندا هئا.([2]) * شيخ عمر ڪيماني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پاڻ بيان فرمايو هجي ۽ محفل مان ڪنهن توبه نه ڪئي هجي۔ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو بيان ٻڌي لازمي طور ڪو نه ڪو شخص توبه ڪندو هو، غير مسلم ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويندا هئا.([3]) * غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ فرمائن ٿا: منهنجي هٿ تي 5 هزار کان وڌيڪ غير مسلمن اسلام قبول ڪيو ۽ هڪ لک


 

 



[1]...بهجة الاسرار، صفحہ:177۔

[2]...بهجة الاسرار، صفحہ:184۔

[3]...قلائد الجواہر، صفحہ:93۔