Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

کان وڌيڪ گنهگارن توبه ڪئي۔([1])

بیاں سُن کے توبہ گنہگار کر لیں                زباں میں وہ دیدو اَثَر غوثِ اعظم!

عيسائي پادري اسلام قبولي ورتو

 هڪ ڀيري سِنَان نالي هڪ عيسائي پادري حضُور غوثِ پاڪ، شيخ عبدالقادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي محفل ۾ حاضِر ٿيو، غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان کان بعد ان اجتماع ۾ بيهي چيو: مان يمن جو رهواسي آهيان، منهنجي دِل ۾ حق جو نُور پيدا ٿيو ۽ مون اسلام قبول ڪرڻ جو ارادو ڪيو، مان چاهيندو هئس ته يمن جي تمام افضل ۽ اعليٰ شخص جي هٿ تي اسلام قبول ڪيان۔ انهيء سوچ ۾ هئس ته مون کي ننڊ اچي وئي، مون کي خواب ۾ الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي زيارت نصيب ٿي، حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جن فرمايو: اي سنان! بغداد وڃ...! ۽ شيخ عبد القادر جيلاني (رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) جي هٿ تي اسلام قبول ڪر، ڇوته هن وقت زمين تي هو سڀني ماڻهن کان افضل ۽ اعليٰ آهي۔ پوءِ ان ڪلمو پڙھي اسلام قبول ڪيو۔([2])

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا                    اونچے اونچوں کے سروں سے قدم اعلیٰ تیرا

سَر بھلا کیا کوئی جانے کہ ہے کیسا تیرا                   اَوْلیا ملتے ہیں آنکھیں وہ ہے تلوا تیرا

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! حُضُور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا بيان ڪيتري قدر انقلابي هوندا هئا، ماڻهو سندن بيان ٻڌي بيحد متاثِّر ٿيندا هئا، اُنهن جي دِل ۾ عشقِ مصطفيٰ جا چراغ روشن ٿيندا ها، دِل ۾ خوفِ خُدا پيدا ٿيندو هو، سندن بيان ٻڌي ماڻهو پنهنجي گناهن تي شرمسار ٿيندا هئا ۽ توبه ڪري نيڪ بڻجي ويندا هئا۔ ڪيترا خوش نصيب آهن اهي عاشقانِ اَولياء جيڪي دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي درس و


 

 



[1]...قلائد الجواہر، صفحہ:96۔

[2]...بهجة الاسرار، صفحہ:185۔